رمضان المبارڪ صبر، برداشت ۽ ايثار جو درس ڏئي ٿو، هي مبارڪ مهينو الله تعاليٰ جي رحمتن ۽ برڪتن جو مهينو آهي: قومي اسيمبليءَ جو اسپيڪر

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق رمضان جي ڀلاري مهيني جي شروعات تي مسلمان اُمت ۽ پاڪستاني قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ صبر، برداشت ۽ ايثار جو درس ڏئي ٿو، هي مبارڪ مهينو الله تعاليٰ جي رحمتن ۽ برڪتن جو مهينو آهي. رمضان المبارڪ جي شروعات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته روزو تقويٰ، همدردي ۽ …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق رمضان جي ڀلاري مهيني جي شروعات تي مسلمان اُمت ۽ پاڪستاني قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ صبر، برداشت ۽ ايثار جو درس ڏئي ٿو، هي مبارڪ مهينو الله تعاليٰ جي رحمتن ۽ برڪتن جو مهينو آهي. رمضان المبارڪ جي شروعات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته روزو تقويٰ، همدردي ۽ ذميداريءَ جي احساس کي هٿي وٺرائڻ آهي. رمضان پاڻ احتسابي ۽ معاشرتي هم آهنگي کي مضبوط بنائڻ جو پيغام ڏئي ٿو. رمضان دوران سرندي وارا ماڻهو مستحقن، يتيمن ۽ نادار ڪٽنبن جي دل کولي مدد ڪن. رمضان ۾ ذخيرو ڪندڙ ۽ ناجائز منافعو ڪمائيندڙن کان مڪمل پاسو ڪيو وڃي. ضروري شين جي مناسب قيمتن تي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. حڪومت ۽ سرندي وارا ماڻهو غريب طبقن کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ رمضان المبارڪ جي صدقي پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ خوشحالي عطا فرماءِ.