سحري ۽ افطار وقت ڪنهن به علائقي خاص ڪري نقصان ڏيندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، سحري ۽ افطار جي وقت ۾ گيس فراهميءَ جي خاص نگراني ڪئي ويندي: سردار اويس لغاري ۽ علي پرويز ملڪ جي گڏيل پريس ڪانفرنس

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رمضان المبارڪ جي حوالي سان خاص پيڪيج ۽ اهم قدمن تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سحري ۽ افطار وقت ڪنهن به علائقي خاص ڪري نقصان ڏيندڙ فيڊرز تي به …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري ۽ پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رمضان المبارڪ جي حوالي سان خاص پيڪيج ۽ اهم قدمن تي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ ۾ روزيدارن کي وڌ کان وڌ سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سحري ۽ افطار وقت ڪنهن به علائقي خاص ڪري نقصان ڏيندڙ فيڊرز تي به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، سمورن فيڊرز جي مانيٽرنگ لاءِ جديد نظام فعال آهي، سحري ۽ افطار جي وقت ۾ گيس پريشر برقرار رکڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن. سحري ۽ افطار جي وقت ۾ گيس فراهمي جي خاص نگراني ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي پاور ڊويزن ۽ پيٽروليم ڊويزن رمضان المبارڪ ۾ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو آهي. هن چيو ته رمضان دوران روزيدارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم جي خواهش آهي ته يوٽيلٽي سروسز خاص ڪري بجلي جي فراهمي وقت سر ۽ مڪمل طور تي يقيني بڻائي وڃي ته جيئن عوام کي ڪنهن قسم جي ڏُکيائي کي مُنهن نه ڏيڻو پوي. هن ٻُڌايو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته سحري ۽ افطار جي وقت ۾ ڪنهن به علائقي ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، سواءِ ان صورت جي ڪو وڏو فالٽ هجي. هن چيو ته هاءِ لاس فيڊرز تي ٿيندڙ اڪنامڪ لوڊشيڊنگ به سحري ۽ افطار جي وقت نه ٿيندي ۽ سڄي پاڪستان ۾ انهن وقتن دوران بجلي جي بنا رنڊڪ فراهميءَ کي يقيني بڻايو ويندو. سردار اويس لغاري چيو ته ان مقصد لاءِ پي آءِ ٽي سي ۾ ايڪسپريشن ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي جتي سمورن فيڊرز جي نگراني ڪئي ويندي. هن چيو ته شهري ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ 118 تي رابطو ڪن جنهن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ رمضان المبارڪ ۾ عبادت جي توفيق عطا فرماءِ ۽ عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ جي توفيق ڏي. ان وقعي تي وفاقي وزير علي پرويز ملڪ رمضان جون قوم کي مبارڪون پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي هدايت تي رمضان ۾ گيس فراهمي ۾ عوام کي سهولت فراهم ڪئي ويندي، صبح 3 وڳي کان رات 10:30 وڳي تائين گيس جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. هن چيو ته سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ گيس پريشر برقرار رکڻ لاءِ خاص انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، وقت سر قدمن سبب هن سال پوئين سياري جي ڀيٽ ۾ گيس سپلاءِ تمام بهتر رهي، عوامي سهولت کي نظر ۾ رکندي اضافي گيس جو به انتظام ڪيو ويو آهي. علي پرويز ملڪ چيو ته سوئي ناردرن ۽ سوئي سدرن جي هيڊ آفيسز ۾ سچوئيشن رومز قائم ڪيا ويا آهن، ريجنل آفيسن کي نيٽ ورڪ مانيٽرنگ وڌائڻ جي هدايت به جاري ڪيون ويون آهن. هن چيو ته شهرين جي سهولت لاءِ شڪايتن جي داخلا جي نظام کي مڪمل فعال ڪيو ويو آهي، عوام گيس بابت شڪايت 1199 هيلپ لائن ذريعي داخل ڪرائي سگهن ٿا، ايم ڊي پاڻ شڪايتن جي ازالي جي نگراني ڪندو. وفاقي وزير چيو ته صارفين جي اطمينان لاءِ روبو ڪال سسٽم ذريعي شڪايتن جي حل جي تصديق ڪئي ويندي، شهري مسئلو حل نه هئڻ تي غير مطمئن بٽڻ دٻائي رپورٽ داخل ڪرائي سگهن ٿا. هن چيو ته پيٽروليم ڊويزن جي ڪوشش آهي ته رمضان جي بابرڪت مهيني ۾ عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪيون وڃن ۽ اهوئي موجوده حڪومت جو نظريو آهي، جنهن تحت مشڪل ترين حالتن ۾ به عوامي سهولتن کي يقيني بڻايو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته مهانگائي ضابطي ۾ آهي، ٻارڻ دستياب آهي ۽ گڏيل ڪوششن سان پاڪستان کي جٽادار ۽ جامع ترقي جي سفر تي گامزن ڪيو ويندو.