ڪراچي-18 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي 50 هين اجلاس جي صدارت ڪندي تعليم، ٽرانسپورٽ، ماحولياتي سياحت ۽ صنعتي ترقي جي ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سکر ۽ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن نوشهرو فيروز، خصوصي ڊرائيور ٽريننگ ۽ …
سنڌ جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جو 50 هون اجلاس منعقد، ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏني وئي

مزید خبریں
ڪراچي-18 فيبروري (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي بورڊ جي 50 هين اجلاس جي صدارت ڪندي تعليم، ٽرانسپورٽ، ماحولياتي سياحت ۽ صنعتي ترقي جي ڪيترن ئي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير جي ترجمان موجب وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سکر ۽ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن نوشهرو فيروز، خصوصي ڊرائيور ٽريننگ ۽ پائيدار جنگلاتي سياحت بابت معاملن تي غور ڪيو ويو. روڊ سيفٽي، پيشيوراڻي ڊرائيونگ معيار ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار جا موقعا بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ اهم قدم طور بورڊ پي پي پي فريم ورڪ تحت سڄي سنڌ ۾ هيوي ٽرانسپورٽ وهيڪل ۽ لائيٽ ٽرانسپورٽ وهيڪل ڊرائيور ٽريننگ اسڪول قائم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري ڏني. موٽر وهيڪلز (ترميمي) ايڪٽ 2025ع تحت ايڇ ٽي وي ۽ ايل ٽي وي درخواستگذارن لاءِ پري لائسنس ٽريننگ لازمي قرار ڏني وئي آهي، جڏهن ته لائسنسنگ اٿارٽيز صرف مستند ادارن کان تصديق ٿيل پري لائسنس ٽريننگ مڪمل ٿيڻ بعد ئي درخواستن تي ڪارروائي ڪري سگهنديون. هي منصوبو عالمي سطح تي خاص ڪري يورپ، آسٽريليا، چين، ترڪيه ۽ نار سهڪار ڪائونسل ملڪن ۾ ڊرائيورن جي وڌندڙ گهرج کي نظر ۾ رکي تيار ڪيو ويو آهي. پاڪستان جو ٽرانسپورٽ سيڪٽر مجموعي قومي پيداوار (جي ڊي پي) ۾ 10 کان 13 سيڪڙو حصو وجهي ٿو ۽ 41 لک کان وڌيڪ ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ٿو. سال 2025ع ۾ پاڪستان باضابطا طور هڪ لک 63 هزار ڊرائيور ٻاهرين ملڪن موڪليا ويا، جڏهن ته اٽڪل 30 هزار غير رسمي طور ٻاهر ويا پر سنڌ جو حصو رڳو 2 سيڪڙو رهيو. ٽريننگ مرڪز شروعاتي طور سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي جي چئن ادارن ۾ قائم ڪيا ويندا، جن ۾ گورنمينٽ ڪاليج آف ٽيڪنالاجي سائيٽ ڪراچي، گورنمينٽ پولي ٽيڪنڪ ڪاليج دادو، گورنمينٽ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ سکر ۽ گورنمينٽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس اينڊ ڪمرشل ايجوڪيشن نوشهرو فيروز شامل آهن. وڌيڪ طلب کي نظر ۾ رکندي ڪراچي ۾ وڏا مرڪز قائم ڪرڻ جو منصوبو پڻ تيار ڪيو ويو آهي. هر مرڪز ۾ ملٽي ميڊيا ڪلاس رومز، ڪمپيوٽرائزڊ ٿيوري ليبز، مخصوص ايڇ ٽي وي ۽ ايل ٽي وي سيميوليٽرز، پريڪٽس يارڊ، آن روڊ ٽريننگ، آن سائيٽ لائسنسنگ ڊيسڪ، معاون ورڪشاپس ۽ حفاظتي سهولتون مهيا ڪيون وينديون. پروگرام تحت پنجن سالن ۾ هڪ لک ڊرائيورن کي تربيت ۽ لائسنس جاري ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، جن ۾ 62 هزار 500 ايل ٽي وي ۽ 37 هزار 500 ايڇ ٽي وي ڊرائيور شامل هوندا، جڏهن ته لڳ ڀڳ اڌ ڪراچي مان هوندا. قانوني ۽ ريگيوليٽري گهُرجن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ گھرو کاتو، ٽريفڪ پوليس ۽ لائسنسنگ اٿارٽيز جي سهڪار سان ٽرانزيڪشن ايڊوائزري ڪنسورشيم جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. بورڊ منصوبي جي تصور جي منظوري ڏيندي تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ٽرانزيڪشن ايڊوائيزرز جي مقرري جي به توثيق ڪئي. بورڊ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي سهڪار سان 38 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي سنڌ سيڪنڊري ايجوڪيشن امپروومينٽ پراجيڪٽ لاءِ ايجوڪيشن مينيجمينٽ آرگنائيزيشن ماڊل اختيار ڪرڻ جي منظوري ڏني. منصوبي تحت نوان تعمير ٿيل 40 ثانوي اسڪول نجي شعبي جي شراڪتدارن ذريعي هلايا ويندا ته جيئن معيار ۽ گورننس بهتر بڻائي سگهجي. بورڊ انهن اسڪولن لاءِ نجي شراڪتدارن جي چونڊ جي عمل جي شروعات جي به اجازت ڏني، جڏهن ته ماضي جي اي ايم او منصوبن مان شاگردياڻين جي داخلا ۾ 38 سيڪڙو اضافو ٿيو. بورڊ آف گرڊ گرلز اسڪولن کي شمسي توانائي ۽ بهتر واٽر، سينيٽيشن اينڊ هائيجين (واش) سهولتون فراهم ڪرڻ جي منصوبي جي منظوري پڻ ڏني. تعليم کاتو اڳ ئي هن منصوبي لاءِ يونيسف کي ٽرانزيڪشن ايڊوائيزر مقرر ڪري چڪو آهي، جنهن لاءِ بورڊ فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرڻ جي توثيق ڪئي. ان کان علاوه سڄي سنڌ جي 300 ماڊل اسڪولن ۾ ابتدائي ٻالڪپڻ جي تعليمي مرڪز قائم ڪرڻ لاءِ فزيبلٽي اسٽڊي جي منظوري ڏني وئي، جتي سالياني لڳ ڀڳ 24 هزار شاگردن کي سهولت فراهم ڪئي ويندي. ماحولياتي طور پائيدار، قدرتي سياحت لي هٿي وٺرائڻ لاءِ بورڊ سنڌ جي چونڊيل جنگلاتي علائقن ۾ پي پي پي ماڊل تحت ماحولياتي سياحت منصوبي جي فزيبلٽي اسٽڊي شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ جي ٻيلن ۽ جهنگلي جيوت کاتي طرفان پيش ڪيل منصوبي تحت مختلف ضلعن جي لڳ ڀڳ 6 هزار 10 ايڪڙ آبپاشي ٿيل ٻيلن ۽ ڪراچي ڀرسان مينگروو ٻيلن کي شامل ڪيو ويندو. اهي ٻيلا حياتياتي تنوع جي تحفظ ۽ ماحولياتي موافقت لاءِ انتهائي اهم آهن. منصوبي تحت قبضي کان پاڪ ٻيلن وارن علائقن ۾ عالمي معيار مطابق ماحولياتي سياحت متعارف ڪرائي ويندي، جنهن جا مثال ڏکڻ آفريقا ۽ انڊونيشيا ۾ موجود آهن. تجويز ڪيل هنڌن ۾ مياڻي فاريسٽ حيدرآباد، ريلوي فاريسٽ حيدرآباد، خاناڻي فاريسٽ ٺٽو، ٻوهرڪي فاريسٽ بدين، پائي فاريسٽ شهيد بينظير آباد ۽ بهمڻ فاريسٽ لاڙڪاڻو شامل آهن. انهن علائقن ۾ واڪنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪس، ٻيڙي سواري، وائلڊ لائيف سفاري، برڊ واچنگ ٽاورز، پڪنڪ ۽ باربي ڪيو ايرياز، پارڪنگ، ويسٽ مئنيجمينٽ، عبادتگاهون، ٻارن جي راند جا هنڌ ۽ ننڍا فوڊ ۽ دستڪاري اسٽال قائم ڪيا ويندا. ٻيلي کاتي موجب هن منصوبي سان ٻيلن جي تحفظ ۽ حياتياتي تنوع جي انتظام لاءِ مخصوص فنڊنگ، غير قانوني استحصال ۾ گهٽتائي، نجي سيڙپڪاري ۽ يوزر فيس ذريعي بجيٽ تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي، مقامي آبادي خاص طور نوجوانن ۽ عورتن لاءِ روزگار جا موقعا ۽ ملڪي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جهڙا فائدا حاصل ٿيندا. بورڊ منصوبي جي تصور جي منظوري ڏيندي پي پي پي ماڊل تحت ان جا فائندا جانچڻ لاءِ تفصيلي فزيبلٽي اسٽڊي لاءِ ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني. بورڊ ماربل ۽ گرينائيٽ شعبي لاءِ رکيل 300 ايڪڙ تي ٻڌل صنعتي اسٽيٽ ماربل سٽي ڪراچي منصوبي کي تيز ڪرڻ لاءِ ڪجهه معاملن جي به منظوري ڏني. ويليو ايڊيشن، غير ملڪي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ شروع ڪيل هي منصوبو اپريل 2025ع کان پي پي پي ماڊل تحت تعميراتي مرحلي ۾ آهي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ڪل 300 ايڪڙ مان لڳ ڀڳ 201 ايڪڙ صنعتي استعمال لاءِ رکيل آهن، جتي پلاٽن جو سائيز 0.2 کان هڪ ايڪڙ تائين هوندو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪڙو حصو ماربل ۽ گرينائيٽ صنعت لاءِ مخصوص هوندو. باقي 99 ايڪڙ ڪمرشل اسپيس، سهولتن، گرين ايرياز، رستن ۽ ٻين انفراسٽرڪچر لاءِ مختص ڪيا ويا آهن. بورڊ ماربل سٽي ڪراچي منصوبي لاءِ پاڻي جي فراهمي جي گهرجن جو تفصيلي جائزو وٺندي ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن کي پاڻي جي ڪنيڪشن چارجز ادا ڪرڻ جي منظوري ڏني. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير خانگي شعبي جي ڪارڪردگي مان فائدو وٺندي سنڌ جي عوام کي معياري عوامي خدمتون ۽ انفراسٽرڪچر فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم جو اعادو ڪيو. اجلاس ۾ سينيئر صوبائي وزير سردار شاهه، ڄام خان شورو، ضياءَ الحسن لنجار، وڏي وزير جو صلاحڪار بابل ڀيو، وڏي وزير جو خاص مددگار سيد قاسم نويد، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، گھرو سيڪريٽري اقبال ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.











