رمضان المبارڪ اسان کي تقويٰ، صبر، ايثار ۽ الله تعاليٰ سان قربت جو درس ڏي ٿو: صدر آصف علي زرداري پاران رمضان المبارڪ 1447هه شروع ٿيڻ تي پيغام

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ پوري مسلمان امت جي لاءِ رحمت، مغفرت ۽ جهنم کان ڇوٽڪاري جو عظيم مهينو آهي، رمضان المبارڪ اسان کي تقويٰ، صبر، ايثار ۽ الله تعاليٰ سان قربت جو درس ڏي ٿو ۽ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اصلاح جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. ايوان صدر …

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري رمضان المبارڪ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته رمضان المبارڪ پوري مسلمان امت جي لاءِ رحمت، مغفرت ۽ جهنم کان ڇوٽڪاري جو عظيم مهينو آهي، رمضان المبارڪ اسان کي تقويٰ، صبر، ايثار ۽ الله تعاليٰ سان قربت جو درس ڏي ٿو ۽ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين ۾ اصلاح جو بهترين موقعو فراهم ڪري ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته رمضان المبارڪ جو مهينو اسان کي ياد ڏياري ٿو ته روزو رڳو بُک ۽ اُڃ جو نالو نه آهي پر نفس جي تربيت، ڪردار جي پاڪيزگي ۽ ذميواري جي احساس جو عملي اظهار آهي، هي مهينو اسان کي صبر، شڪر، درگذر ۽ محتاجن ۽ ڪمزورن سان همدرديءَ جو سبق ڏي ٿو جنهن کانسواءِ هڪ صالح ۽ فلاحي معاشرو جُڙي نه ٿو سگهجي. هن چيو ته رمضان المبارڪ اسان کي قرآن مجيد سان پنهنجي تعلق کي مضبوط ڪرڻ، نماز جي پابندي، دعا ۽ ذڪر الاهي جي ذريعي پنهنجي روحاني زندگي کي سنوارڻ جو پيغام ڏي ٿو، هي مهينو اسان کي گڏيل ڀائيچاري، برداشت ۽ اتحاد کي فروغ ڏيڻ ۽ معاشرتي ناانصافين جي خاتمي جي لاءِ گڏيل شعور بيدار ڪرڻ جي تلقين ڪري ٿو. هن چيو ته آئون هن مقدس مهيني جي موقعي تي قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته اسان رمضان المبارڪ جي برڪتن مان ڀرپور فائدو کڻندي پنهنجي عملي زندگين ۾ سچائي، ديانتداري، عدل ۽ انصاف ۽ خدمت خلق کي فروغ ڏيون ۽ ملڪ جي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ يڪجهتي ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪريون. هن چيو ته اڄ جڏهن پاڪستان کي مختلف سماجي ۽ معاشي چئلينجز درپيش آهن، رمضان المبارڪ اسان کي اميد، صبر ۽ گڏيل يڪجهتي جو پيغام ڏي ٿو. هي مهينو اسان کي ان عزم جي تجديد جو موقعو فراهم ڪري ٿو ته اسان ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي مفاد ۽ گڏيل ڀلائي کي ترجيح ڏيون، الله تعاليٰ جي آڏو دعاڳو آهيان ته هو اسان کي رمضان المبارڪ جي حقيقي روح کي سمجهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي، پاڪستان کي امن، استحڪام ۽ ترقي سان نوازي ۽ اسان جي عبادتن، دعائن ۽ نيڪ اعمال کي  شرف قبوليت عطا فرمائي. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي هن برڪتن واري مهيني جي رحمتن ۽ برڪتن مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي.