ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ صبح / رات جي وقت ۾ مٿانهين علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ مٿانهين علائقن ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته پارا چنار، لاهور، جيڪب آباد، ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ مٿانهين علائقن ۾ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته پارا چنار، لاهور، جيڪب آباد، ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان برسات پئي. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 07، اسڪردو، استور ۾ ڪاٽو 03، بگروٽ ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.