قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان پرتگال جي هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، قانوني ۽ عدالتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پرتگال جي هاءِ ڪمشنر مينوئل فريڊريڪو پنهير وڊاسلوا  جي ملاقات ۾  انصاف واري شعبي ۾ گڏيل تعاون، عدالتي تربيت، اداره جاتي سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان موجب ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ۾ گذاريل هر ڏينهن سندس لاءِ يادگار ۽ خوشگوار تجربو رهيو. …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان پرتگال جي هاءِ ڪمشنر مينوئل فريڊريڪو پنهير وڊاسلوا  جي ملاقات ۾  انصاف واري شعبي ۾ گڏيل تعاون، عدالتي تربيت، اداره جاتي سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان موجب ملاقات دوران هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان ۾ گذاريل هر ڏينهن سندس لاءِ يادگار ۽ خوشگوار تجربو رهيو. هن گلگت بلتستان ۽ اترين علائقن جي دلڪش ۽ جنت جهڙي خوبصورتي کي ساراهيندي ان کي زمين تي جنت قرار ڏنو. هن پاڪستان جي متحرڪ ثقافت ۽ عوام جي گرمجوشي ۽ مهمانوازي کي به منفرد ۽ واکاڻ جوڳي قرار ڏنو. وفاقي وزير هاءِ ڪمشنر جي مقرري واري مدي دوران سندس سفارتي خدمتن ۽ ٻطرفي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ پرتگال جي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۾ سندس مثبت ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ انصاف واري شعبي ۾ گڏيل تعاون، عدالتي تربيت، اداره جاتي سڌارن ۽ صلاحيت ۾ اضافي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي ڌرين قانوني ۽ عدالتي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.