اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته صحافين جي فراهم ڪيل وقت سر ۽ درست معلومات عدالتي ۽ قانوني عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، عدالتي فيصلن ۽ عوامي حقن جي تحفظ جي حوالي سان فوري معلومات جي مٽاسٽا سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام کي به فائدو کڻڻ جو موقعو ملندو آهي، اهو عمل عدليه ۽ …
صحافين جي فراهم ڪيل وقت سر ۽ درست معلومات عدالتي ۽ قانوني عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي: وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته صحافين جي فراهم ڪيل وقت سر ۽ درست معلومات عدالتي ۽ قانوني عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي، عدالتي فيصلن ۽ عوامي حقن جي تحفظ جي حوالي سان فوري معلومات جي مٽاسٽا سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ عوام کي به فائدو کڻڻ جو موقعو ملندو آهي، اهو عمل عدليه ۽ صحافت وچ ۾ اعتماد کي مضبوط ڪري ٿو. اهڙو اظهار هن پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر هارون الرشيد ۽ پاڪستان بار ايسوسيئيشن جي احسن ڀون به موجود هو. وفاقي وزير صحافين تي زور ڀريو ته معلومات جي درستگي ۽ جلد بازي ۾ قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تصديق نه ٿيل خبرون قانوني ۽ سماجي نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته عدالتي ۽ قانوني معاملن ۾ اڳڀرائي جي صحيح ۽ وقت سر رپورٽنگ عوام ۽ وڪيل برادري لاءِ نهايت مفيد آهي. هن صحافين جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پريس ايسوسيئيشن ذريعي عدالتي فيصلن، ايف آءِ آرز، جائيداد جي ورهاست ۽ ٻين قانوني معاملن جي حوالي سان معلومات جي وقت سر فراهمي نهايت اهميت واري آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت ۽ عدليه ٻنهي جي ذميواري آهي ته عوام تائين عدالتي عمل ۽ فيصلن جي درست معلومات پهچي. ان موقعي تي پريس ايسوسيئيشن آف سپريم ڪورٽ جي نئين چونڊيل صدر عمران وسيم آجياڻي واري خطاب ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سان ٿورن جو اظهار ڪيو ۽ صحافتي ذميوارين کي بهترين طريقي سان نڀائڻ جي عزم جو اعلان ڪيو. ان کانپوءِ وفاقي وزير ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کان عهدن جو حلف ورتو ۽ انهن سان تعاون ۽ رابطي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











