پي ٽي آءِ باني سميت سمورن قيدين جي صحت جي ذميواري حڪومت جي آهي: وفاقي وزير طارق فضل چوڌري

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سميت سمورن قيدين جي صحت جي ذميواري حڪومت جي آهي ۽ حڪومت اها ذميواري بهترين طريقي سان نڀائي رهي آهي، 8 فيبروري تي ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ ۾ ڦيٿو جام ۽ مڪمل هڙتال جي ناڪامي کانپوءِ پي ٽي آءِ باني جي صحت تي سياست ٿي رهي آهي. …

اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني سميت سمورن قيدين جي صحت جي ذميواري حڪومت جي آهي ۽ حڪومت اها ذميواري بهترين طريقي سان نڀائي رهي آهي، 8 فيبروري تي ڪي پي ڪي سميت سڄي ملڪ ۾ ڦيٿو جام ۽ مڪمل هڙتال جي ناڪامي کانپوءِ پي ٽي آءِ باني جي صحت تي سياست ٿي رهي آهي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 8 فيبروري تي ڦيٿو جام هڙتال جو پي ٽي آءِ جو سڏ بري طرح ناڪام ٿيو، خيبرپختونخوا جي پشاور ۾ به مڪمل هڙتال نه ٿي ۽ ڦيٿو هلندو رهيو. انهي ڏينهن مسلم ليگ (ن) جي صوبائي صدر انجنيئر امير مقام پشاور ۾ تاريخي جلسو ڪيو جڏهن ته پي ٽي آءِ ڪٿي جلسو به نه ڪري سگهي. ان ڏينهن پي ٽي آءِ باني جي رشتيدارن سميت انهن جي پارٽي جا ماڻهو بسنت ملهائي رهيا آهن جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي 24 جنوري تي هڪ انجيڪشن لڳي، جلد ٻي انجيڪشن ۽ هڪ مهيني کانپوءِ ٽئين انجيڪشن لڳندي، اهي انجيڪشنون مشهور ڊاڪٽر ۽ بهترين اسپتال ۾ لڳايون وينديون، کيس علاج جون سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته سوشل ميڊيا برگيڊ جو اطمينان، اسان جي ذميواري ناهي. ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته خيبرپختونخوا ۾ صوبائي حڪومت پاڻ روڊ بند ڪري رهي آهي جنهن سان 8 مريض اسپتال نه پهچڻ سبب فوت ٿيا ۽ جنازن جا رستا روڪيا ويا، هاڻي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اهي روڊ کليا آهن. هن چيو ته ملڪ هن وقت وڏن چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڀارتي اسپانسرڊ دهشتگرد ۽ انڊين پراڪسيز پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهن. افغانستان مان مداخلت ٿي رهي آهي، اسان کي هڪ قوم بڻجي متحد ٿي انهن سمورن چئلينجن کي منهن ڏيڻو آهي. ملڪ ۾ اقتصادي اهڃاڻ بهتر ٿي رهيا آهن، اهڙين حالتن ۾ فرق ۽ ويڇي جي سياست ، صوبن ۾ اشتعال جي پي ٽي آءِ جي سياست افسوسناڪ آهي. اسان پاڪستان جي خدمت ڪندا رهنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪنهن مريضن جو آپريشن وارثن جي خواهش تي نه پر ڊاڪٽرز کي ڪرڻو هوندو آهي، پي ٽي آءِ باني جو تحريڪ انصاف جي درخواست کانسواءِ  پمز ۾ معائنو ڪرايو ويو، کيس سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.