اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ملت ٽريڪٽرز جي سي اي او سڪندر مصطفيٰ جي اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي آٽو ۽ ٽريڪٽر سيڪٽر جي مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران تجويز ڪيل آٽو پاليسي، ٽريڪٽر پاليسي ۽ انجنيئرنگ سيڪٽر ۾ مقامي مينوفيڪچرنگ ۽ انڊيجنائزيشن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي …
صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ملت ٽريڪٽرز جي سي اي او جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-18 فيبروري (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر خان سان ملت ٽريڪٽرز جي سي اي او سڪندر مصطفيٰ جي اهم ملاقات ٿي، جنهن ۾ پاڪستان جي آٽو ۽ ٽريڪٽر سيڪٽر جي مستقبل جي لائحه عمل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران تجويز ڪيل آٽو پاليسي، ٽريڪٽر پاليسي ۽ انجنيئرنگ سيڪٽر ۾ مقامي مينوفيڪچرنگ ۽ انڊيجنائزيشن کي هٿي ڏيڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هارون اختر چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي هدايتن جي روشني ۾ جامع ۽ مستقبل بين آٽو ۽ ٽريڪٽر پاليسي جلد پيش ڪئي ويندي. هن زور ڀريو ته ان پاليسي جي تياري ۾ آٽو سيڪٽر کي درپيش سمورن چئلينجز ۽ مسئلن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي ته جيئن هڪ متوازن ۽ ترقي تي ٻڌل فريم ورڪ جوڙي سگهجي. حڪومت جي ويزن کي اجاگر ڪندي هارون اختر خان چيو ته پاڪستان جو آٽو سيڪٽر بي پناهه صلاحيت رکندڙ آهي ۽ مقامي مينوفيڪچرنگ ۽ انڊيجنائيزيشن کي هٿي ڏيڻ ذريعي نمايان ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. ملت ٽريڪٽر جي سي اي او آگاهه ڪيو ته ڪمپني ٽريڪٽر سازي ۾ 90 سيڪڙو لوڪلائيزيشن جو هدف ڪاميابي سان حاصل ڪري ورتو آهي. هن ٻڌايو ته ملت ٽريڪٽرز روانگي واپار جي صلاحيت به حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هن وقت عالمي منڊين ۾ ٽريڪٽرز ايڪسپورٽ ڪري رهي آهي جيڪا پاڪستان جي انجنيئرنگ صنعت جي مضبوطي ۽ چٽاڀيٽي واري صلاحيت جو ثبوت آهي. خاص مددگار انجنئرنگ ڊولپمينٽ بورڊ کي هدايت ڪئي ته آٽو ۽ ٽريڪٽر سيڪٽر جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان جامع مشاورت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن هڪ جامع، عملي ۽ پائيدار صنعتي ترقي رکندڙ پاليسي فريم ورڪ جي جوڙجڪ ممڪن ٿي سگهي.











