صدر آصف علي زرداري پاران ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سي ٽي ڊي بلوچستان کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سي ٽي ڊي بلوچستان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو خاتمو اولين ترجيح آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فتنه الخوارج جي 14 دهشتگردن کي ماريندڙ اهلڪارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته سي ٽي …

اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا ۽ بارکان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سي ٽي ڊي بلوچستان کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ مان ٻاهرئين سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو خاتمو اولين ترجيح آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر فتنه الخوارج جي 14 دهشتگردن کي ماريندڙ اهلڪارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته سي ٽي ڊي بلوچستان دهشتگردي جي خلاف ملڪ جي حفاظت ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. صدر فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ زخمي ٿيندڙ سي ٽي ڊي اهلڪارن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.