اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، باجوڙ چيڪ پوسٽ حملي کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج هر لمحي دهشتگردن خلاف وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، قوم به ساڻس گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي ناسور کي پاڙائون ڪڍي اڇلنداسين.”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ مواصلات واري وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم …
مواصلات واري وفاقي وزير پاران باجوڙ چيڪ پوسٽ حملي کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-17 فيبروري (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان، باجوڙ چيڪ پوسٽ حملي کي ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج هر لمحي دهشتگردن خلاف وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، قوم به ساڻس گڏ بيٺل آهي، دهشتگردي جي ناسور کي پاڙائون ڪڍي اڇلنداسين.”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ مواصلات واري وفاقي وزير ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان، عسڪري ادارن کي فتنه الهندوستان جي خاتمي تي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته بهادر هٿياربند فوج جو ڪليئرنس آپريشن دهشتگردن جي خاتمي تائين جاري رهندو. ملڪ ۾ امن جي قيام لاءِ عسڪري ادارن جون فتنه الخوارج خلاف ڪارروائيون اڻٽر آهن، وطن جي خاطر جانيون قربان ڪندڙ بهادر سپوتن کي قوم سلام پيش ڪري ٿي. وفاقي وزير، ان سانحي جي شهيدن ۽ زخمين جي خاندانن سان همدردي جو اظهار ڪيو.











