لاهور-17 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي علاج جي معاملي تي اڻوڻندڙ سياست ڪئي پئي وڃي، عليمه خان باني جي بيماريءَ کي ڪيش ڪرائڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ قيادت بانيءَ کي فراهم ٿيندڙ علاج جي سهولتن مان مطمئن آهي، روڊ بند ڪري عوام کي تڪليف پهچائي وئي، مفاهمت جا قائل آهيون، جڏهن ته ڪنهن کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي …
پي ٽي آءِ قيادت بانيءَ کي فراهم ٿيندڙ علاج جي سهولتن مان مطمئن آهي، ان معاملي تي اڻوڻندڙ سياست ڪئي پئي وڃي: گهرو وزير محسن نقوي

مزید خبریں
لاهور-17 فيبروري (اي پي پي) گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي علاج جي معاملي تي اڻوڻندڙ سياست ڪئي پئي وڃي، عليمه خان باني جي بيماريءَ کي ڪيش ڪرائڻ چاهي ٿي، پي ٽي آءِ قيادت بانيءَ کي فراهم ٿيندڙ علاج جي سهولتن مان مطمئن آهي، روڊ بند ڪري عوام کي تڪليف پهچائي وئي، مفاهمت جا قائل آهيون، جڏهن ته ڪنهن کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ جي هرگز اجازت نه ڏني ويندي، ڪي پي ڪي ۾ روڊ کولڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي هر صورت عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، پاڪستان ۾ ٿيل دهشتگرديءَ ۾ ڀارت ملوث آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ قيد هر قيديءَ کي علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميداري آهي. پي ٽي آءِ بانيءَ کي علاج لاءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، پر بدقسمتيءَ سان پي ٽي آءِ باني جي اکين جي نور جي معاملي تي پروپيگنڊا ڪئي وئي، پي ٽي آءِ باني جي علاج جي معاملي تي اڻوڻندڙ سياست ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ان معاملي تي سينيئر سياستدان محمود خان اچڪزئي جي درخواست تي پهرين ئي حڪومت پي ٽي آءِ قيادت ۽ مخالف ڌر سان رابطي ۾ هئي. اسپيڪر سردار اياز صادق ان حوالي سان ٻنهي طرفن کان رابطي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. اسان پي ٽي آءِ قيادت کي مڪمل خاطري ڏياري ته بانيءَ کي علاج جون هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. محسن نقوي چيو ته اسان علاج لاءِ بهترين ڊاڪٽرن جي چونڊ ڪئي ۽ سرڪاري ۽ پرائيويٽ ڊاڪٽرن پي ٽي آءِ باني جو معائنو ڪيو، جنهن تي پي ٽي آءِ قيادت چيو ته اسان حڪومت طرفان مليل علاج مان مطمئن آهيون. محسن نقوي چيو ته پي ٽي آءِ باني کي اک جي علاج لاءِ هڪ انجيڪشن لڳڻو هو جيڪو ڊاڪٽرن جي مدد سان جيل ۾ به لڳي سگهيو ٿي پر اسان سندن علاج ۾ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ چاهيون ٿي جنهن لاءِ کيس اسپتال آندو ويو. هن چيو ته اسان باني لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻن سان اسپيشلسٽ جو نالو تجويز ڪرڻ جو به چيو هو ۽ ان جي سينيئر اڳواڻ کي به ان سلسلي ۾ دعوت ڏني. اسان چاهيون ٿا ته پي ٽي آءِ قيادت جي موجودگيءَ ۾ پي ٽي آءِ باني جي اک جو چيڪ اپ ٿئي، پر اهي نه آيا. اسان کي چيو ويو ته بانيءَ کي هڪ هفتي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو وڃي، عليمه خان بانيءَ جي بيماريءَ کي ڪيش ڪرائڻ چاهي ٿي، هوءَ هميشه باني جي علاج کان منع ڪري ڇڏيندي هئي. وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جي صحت تي بليم گيم کيڏي وئي، ڪجهه ماڻهو بانيءَ جي صحت کان وڌيڪ پنهنجي سياست لاءِ فڪرمند آهن، ان معاملي کي سياسي نه بڻائڻ گهرجي. رپورٽس اچي ويون آهن. هي تماشو ۽ ماڻهن کي گمراهه ڪندڙ ڊرامو هاڻ بند ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته ڳالهيون ئي مسئلن جو حل هونديون آهن، هميشه کان يقين آهي ته ڪوبه مسئلو هجي، ڳالهين سان ان جو حل ممڪن آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف هميشه سياسي مفاهمت ۽ ڳالهين جو قائل رهيو آهي، اسان به چئي رهيا آهيون ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ باني جو ڪو ميڊيڪل ٽيسٽ رهجي ويو آهي، ته اسان کي ٻُڌايو، اسان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته احتجاج جي آڙ ۾ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ ڪنهن کي ڀڃ ڊاهه ۽ ڏڦيڙ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ڪي پي ڪي ۾ روڊ کولرائڻ لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جو حڪم اچي چڪو آهي، عدالتي حڪم تي هر صورت عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. ڪنهن کي ملڪ ۾ ڏڦيڙ، احتجاج يا چڙهائيءَ جو شوق آهي ته هو نتيجن لاءِ به تيار رهي. هن 18 فيبروري تائين رپورٽ گُهري آهي ۽ چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪيون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته ڪي پي ڪي پوليس دهشتگرديءَ خلاف قربانيون ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جي صورتحال سڀني آڏو آهي. اتي هر ڏينهن ڪو نه ڪو واقعو ٿي رهيو آهي. اتي پوليس دهشتگردن خلاف قربانيون ڏئي رهي آهي، پر جيستائين سياسي ليڊرشپ آن بورڊ نه هوندي، دهشتگرديءَ خلاف اها جنگ کٽڻ مشڪل هوندي. هن چيو ته ان تي پي ٽي آءِ جي ورڪرز کي به سوچڻ گهرجي ته ڪير ملڪ دشمن ۽ ڪير ملڪ جو خيرخواه آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته سوشل ميڊيا تي ملڪي مفادن خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن خلاف ڪارروائي يقيني بڻائي پئي وڃي. ملڪ ۾ ٿيل تازي دهشتگرديءَ جي حوالي سان پُڇيل سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ پويان ڀارت جو هٿ آهي، ان جون پڪيون شاهديون موجود آهن. ڀارت بلوچستان ۾ دهشتگردي لاءِ ڊالر ڏئي ٿو. هن چيو ته جلد ملڪ مان دهشتگرديءَ جو پاڙان خاتمو ڪنداسين.











