پاڪستان ۽ آسٽريا پاران گڏيل دوستاڻي ۽ تاريخي لاڳاپن جو ورجاءُ، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريا گڏيل دوستاڻي ۽ تاريخي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جي آسٽريا جي دوري جي حوالي سان پرڏيهي وزارت پاران جاري گڏيل پڌرنامي موجب آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر 16 فيبروري تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سرڪاري …

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ آسٽريا گڏيل دوستاڻي ۽ تاريخي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم جي آسٽريا جي دوري جي حوالي سان پرڏيهي وزارت پاران جاري گڏيل پڌرنامي موجب آسٽريا جي وفاقي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر 16 فيبروري تي پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سرڪاري دوري جي موقعي تي استقبال ڪيو. اهو دورو آسٽريا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ 1956ع ۾ قائم ٿيندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن جي 70هين سالگرهه جي موقعي تي ٿيو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دوستاڻي ۽ تاريخي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو ۽ اقتصادي تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي طرفن عالمي سطح تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ امن ۽ سلامتي، پائيدار ترقي ۽ انساني حقن جي فروغ جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل قومن جي مرڪزي ڪردار تي اتفاق ڪيو. هنن گهڻ رخي نظام ۽ قاعدن تي ٻڌل عالمي نظام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو اظهار ڪيو، جيڪو گڏيل قومن جي منشور جي مقصدن ۽ اصولن تي ٻڌل آهي ۽ گڏيل قومن جي نظام کي مضبوط بڻائڻ جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري، سياحت، مهمان نوازي، تعليم، آءِ ٽي، صحت، انساني وسيلن جي ترقي ۽ افرادي قوت جي چرپر جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي صلاحيت جو پڻ جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ انهن شعبن بابت غور هيٺ مختلف مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اڳواڻن جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه کانسواءِ آسٽريا جي وفاقي چانسلر ۽ وزيراعظم آسٽريا ۽ پاڪستان جي ناليوارين ڪمپنين جي فورم جي گڏيل صدارت پڻ ڪئي. ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته موجوده ۽ ايندڙ فريم ورڪ جي ذريعي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اڳ کان قائم نظام جي بنياد تي ٻطرفي مٽاسٽا ۽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم آسٽريا جي ڪاروباري برادري ۽ ڪمپنين کي اپريل 2026ع ۾ اسلام آباد م منعقد ٿيندڙ يورپي يونين – پاڪستان بزنس فورم ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. هن وفاقي چانسلر ڪرسچئين اسٽاڪر کي ويجهي مستقبل ۾ پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني