ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ منعقد هڪ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪيو جنهن جو عنوان ”پائيدار ترقي: عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ رستا“ هو. هن امن ۽ ترقي جي وچ ۾ ناقابل تفريق تعلق کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي پختي …
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ منعقد هڪ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب

مزید خبریں
ويانا – 17 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ويانا ۾ گڏيل قومن جي آفيس ۾ منعقد هڪ اعليٰ سطحي تقريب کي خطاب ڪيو جنهن جو عنوان ”پائيدار ترقي: عالمي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ رستا“ هو. هن امن ۽ ترقي جي وچ ۾ ناقابل تفريق تعلق کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن جي منشور ۽ گهڻ رخي نظام جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. تقريب ۾ ويانا ۾ قائم عالمي ادارن جي سربراهن، سفارتي ڪور جي ميمبرن، ٿنڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا نمائندن شرڪت ڪئي. نائب وزيراعظم عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي)، گڏيل قومن جي صنعتي ترقي جي تنظيم (يو اين آءِ ڊي او)، گڏيل قومن جي منشيات ۽ ڏوهن جي خاتمي بابت آفيس (يو اين او ڊي سي) ۽ گڏيل قومن جي ٻاهرئين خلائي معاملن بابت آفيس (يو اين او او ايس اي) جي امن ۽ ترقي جي گڏيل تعلق کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ انهن ادارن سان تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.











