اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن هڪ گڏيل بيان ۾ اولهندي ڪناري کي ”اسٽيٽ لينڊ“ قرار ڏيڻ ۽ غيرقانوني آبادڪاري جي سرگرمين جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، جمهوريه ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جا پرڏيهي وزير اسرائيل جي ان فيصلي …
پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن پاران اولهندي ڪناري کي ”اسٽيٽ لينڊ“ قرار ڏيڻ جي شديد مذمت

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جي پرڏيهي وزيرن هڪ گڏيل بيان ۾ اولهندي ڪناري کي ”اسٽيٽ لينڊ“ قرار ڏيڻ ۽ غيرقانوني آبادڪاري جي سرگرمين جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب پاڪستان، مصر، اردن، گڏيل عرب امارات، انڊونيشيا، جمهوريه ترڪيه، سعودي عرب ۽ قطر جا پرڏيهي وزير اسرائيل جي ان فيصلي جي سخت مذمت ڪن ٿا جنهن تحت والاريل اولهندي ڪناري جي زمينن کي ”اسٽيٽ لينڊ“ قرار ڏنو ويو ۽ پهريون ڀيرو 1967ع کانپوءِ زمين جي ملڪيت جي داخلا ۽ آبادڪاري جي طريقيڪار جي منظوري ڏني وئي. بيان موجب اهو غيرقانوني قدم هڪ سنگين اشتعال انگيزي آهي جنهن جو مقصد غيرقانوني آبادڪاري کي تيز ڪرڻ، فلسطيني زمينن تي قبضو ڪرڻ، اسرائيلي ڪنٽرول کي مستحڪم ڪرڻ ۽ والاريل فلسطيني علائقي تي غيرقانوني اسرائيلي خودمختياري لاڳو ڪرڻ آهي جڏهن ته فلسطيني عوام جي جائز حقن کي نقصان پهچائڻ آهي. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهو قدم عالمي قانون ۽ عالمي انساني قانون خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن خاص طور تي قرداد نمبر 2334 جي واضح خلاف ورزي آهي. بيان موجب اهو فيصلو والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيلي پاليسين ۽ طرزعمل سبب پيدا ٿيندڙ قانوني نتيجن بابت انصاف جي عالمي عدالت پاران جاري ڪيل مشاورتي راءِ سان به ٽڪراءُ آهي جنهن ۾ والاريل فلسطيني علائقي جي قانوني، تاريخي ۽ آبادياتي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي قدم جي غيرقانونيت تي زور ڏنو ويو آهي ۽ جبري طور تي زمين حاصل ڪرڻ جي ممانعت لاڳو آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اهو قدم قابض زمين تي ڪنٽرول مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ نئين قانوني ۽ انتظامي حقيقتن کي مڙهڻ جي ڪوشش کي ظاهر ڪري ٿو، ان سان ٻه رياستي حل جي راهه ۾ رڪاوٽ پيدا ٿيندي، هڪ آزاد ۽ مستحڪم فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جا امڪان متاثر ٿيندا ۽ خطي ۾ منصفاڻي، جامع ۽ پائيدار امن کي حاصل ڪرڻ کي خطرو ٿيندو. پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته اهي سمورن هڪطرفي قدمن جي قطعي طور تي مخالفت ڪن ٿا جيڪي والاريل فلسطيني علائقي جي قانوني، آبادياتي يا تاريخي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جي لاءِ کنيا وڃن. هنن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهي پاليسيون هڪ خطرناڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪنديون جيڪا فلسطيني علائقي ۽ وسيع خطي ۾ عدم استحڪام ۽ ڇڪتاڻ کي وڌيڪ وڌائينديون. پرڏيهي وزيرن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اها پنهنجون ذميواريون ادا ڪري، انهن خلاف ورزين کي روڪڻ جي لاءِ واضح ۽ موثر قدم کڻي، عالمي قانون جي پاسداري کي يقيني بڻائي ۽ فلسطيني عوام جي فتح نه ٿيڻ جوڳي حق جي حفاظت ڪري جن ۾ سڀ کان اهم انهن جي خودمختياري جو حق، قبضي جو خاتمو ۽ 4 جون 1967ع جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار رياست قائم ڪرڻ آهي جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر بيت المقدس هجي.











