ڍاڪا-17 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير، بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم طارق رحمان جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڍاڪا ۾ موجود آهي. هن ملاقات دوران احسن اقبال، پروفيسر محمد يونس ۽ بنگلاديش جي عوام کي ڪامياب چونڊون منعقد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن ٻنهي ملڪن …
وفاقي وزير احسن اقبال جي بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات

مزید خبریں
ڍاڪا-17 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، بنگلاديش جي چيف ايڊوائزر پروفيسر محمد يونس سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير، بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم طارق رحمان جي حلف کڻڻ واري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڍاڪا ۾ موجود آهي. هن ملاقات دوران احسن اقبال، پروفيسر محمد يونس ۽ بنگلاديش جي عوام کي ڪامياب چونڊون منعقد ڪرائڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، عوامي رابطن ۽ سڌي ريت فضائي رابطن جي بحالي سميت مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي چيف ايڊوائزر جو ٿورو مڃيو. چيف ايڊوائزر وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنهنجي ملاقاتن جو ذڪر ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ڪيتريون ئي گڏيل خاصيتون موجود آهن، جيڪي گڏيل مفاد تي ٻڌل سهڪار کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿيون. وفاقي وزير، پروفيسر محمد يونس کي پاڪستان-بنگلاديش نالج ڪوريڊور تحت علامه محمد اقبال اسڪالر شپس جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته اسڪالرشپ جي پهرين بيچ جا شاگرد پاڪستان جي لاڳاپيل يونسٽيون ۾ داخلا وٺي چڪا آهن. پروفيسر محمد يونس ان قدم کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ تعليمي، ثقافتي ۽ عوامي سطح تي مٽا سٽا ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.











