اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چين ۾ (هارس ييئر)گهوڙي جي سال جي آمد تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. اها ڳالهه هن اسپرنگ فيسٽيول تقريب ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪندي چئي. جنهن جو بندوبست چائنا ميڊيا گروپ ۽ نيشنل لينگويج پروموشن ڊپارٽمينٽ جي ڀائيواري سان اسلام آباد ۾ ڪيو ويو. وفاقي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته …
چين جي معاشي ترقي جو راز معياري تعليم، هنر ۽ ٽيڪنالاجي ۾ لڪل آهي: وفاقي وزير قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چين ۾ (هارس ييئر)گهوڙي جي سال جي آمد تي چين جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. اها ڳالهه هن اسپرنگ فيسٽيول تقريب ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪندي چئي. جنهن جو بندوبست چائنا ميڊيا گروپ ۽ نيشنل لينگويج پروموشن ڊپارٽمينٽ جي ڀائيواري سان اسلام آباد ۾ ڪيو ويو. وفاقي وزير تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته گهوڙا عزم، طاقت، رفتار، استقامت ۽ ڪاميابي جي علامت آهن ۽ اهڙيون تقريبون عوامي رابطن ۽ ثقافتي هم آهنگي کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ چين مضبوط ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ لازوال دوستي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته چين ترقي ۽ معاشي استحڪام جي ميدان ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ ان جي معاشي ترقي جو راز معياري تعليم، هنر ۽ ٽيڪنالاجي ۾ لڪل آهي. هن چيو ته ثقافتي مٽاسٽا، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن جڏهن ته مضبوط ثقافتي رابطا پائيدار اقتصادي شراڪتداري جو بنياد آهن. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته بورڊ آف انويسٽمينٽ پاڪ – چين اقتصادي تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي.











