اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال اسلام آباد جي ڀرپاسي واري علائقي تمير جي بنيادي صحت مرڪز کي ڊجيٽلائيز ڪري ٽيلي ميڊيسن سروس جي شروعات ڪري ڇڏي جنهن ذريعي ڏورانهن علائقن جا شهري هاڻي ماهر ڊاڪٽرن سان آن لائين علاج، مدد ۽ دوائون گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ صحت واري وزارت پاليسي سازي …
صحت بابت وفاقي وزير پاران اسلام آباد جي علائقي تمير جي بنيادي صحت مرڪز کي ڊجيٽلائيز ، ٽيلي ميڊيسن سروس شروع ڪئي وئي

مزید خبریں
اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال اسلام آباد جي ڀرپاسي واري علائقي تمير جي بنيادي صحت مرڪز کي ڊجيٽلائيز ڪري ٽيلي ميڊيسن سروس جي شروعات ڪري ڇڏي جنهن ذريعي ڏورانهن علائقن جا شهري هاڻي ماهر ڊاڪٽرن سان آن لائين علاج، مدد ۽ دوائون گهر ويٺي حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ صحت واري وزارت پاليسي سازي کان اڳ صحت جي نظام جو تفصيلي جائزو وٺڻ ۽ وڏين اسپتالن بدران گهرن ويجهو موجود بيسڪ هيلٿ يونٽس کي مضبوط بڻائڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي.ا سلام آباد جي ٻهراڙي واري آبادي لاءِ صحت جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي طور تمير جي بنيادي صحت مرڪز کي ڊجيٽلائيز ڪندي اتي جديد ٽيلي ميڊيسن سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت صحت جي نظام ۾ سڌارن تحت وڏين اسپتالن تان بار گهٽائڻ لاءِ بنيادي صحت مرڪزن کي فعال بڻائڻ تي زور ڀريو آهي. هيلٿ ڪيئر جو مقصد صرف مريضن کي علاج نه پر بيمارين کان بچاءَ يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته معمولي مريض يا بلڊ پريشر جهڙن مسئلن لاءِ پري پري وارين اسپتالن جو رخ ڪرڻ بدران نه رڳو مريضن کي ڏکيائيون ٿين ٿيون پر انتظاميه تي بها ضافي دٻاءُ وڌي ٿيو. ٽيلي ميڊيسن صحت جي شعبي ۾ هڪ حقيقي انقلاب ثابت ٿيندي جنهن سان خاص ڪري پري ۽ پٺتي پيل علائقن جي عوام کي فوري ۽ معياري طبي سهولتون ميسر ٿينديون. هن چيو ته جديد ٽيڪنالاجي فاصلي جي رڪاوٽ ختم ڪندي علاج کي نهايت آسان بڻايو آهي ۽ هاڻي شهري پنهنجي علائقن ۾ رهندي ماهر ڊاڪٽرن کان مشاورت حاصل ڪري سگهندا. مصطفيٰ ڪمال چيو ته ملڪ ۾ نون ڊاڪٽرن جي تعداد ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ٽيلي ميڊيسن پليٽ فارم نوجوان ڊاڪٽرن لاءِ خدمتون انجام ڏيڻ جا وسيع موقعا فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان کي صحت جي شعبي ۾ خاموش انقلاب قرار ڏيندي چيو ته ان نظام تحت مريضن ۽ ڊاڪٽرن ٻنهي جي جامع مانيٽرنگ جو اثرائتو انتظام موجود آهي، حڪومت سڀ کان اول صحت جي نظام ۽ زميني ضرورتن جو تفصيلي جائزو ورتو جنهن کان پوءِ هڪ مربوط، جديد ۽ موثر نظام جوڙيو ويو. هن جو چوڻ هو ته ايندڙ مرحلي ۾ سڄي ملڪ ۾ ٽيلي ميڊيسن سروسز جي دائريڪار کي وڌيڪ وڌايو ويندو ته جيئن هر شهري کي معياري صحت جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ٻارن کي مختلف بيمارين کان بچاءَ لاءِ ڪيترائي حفاظتي ٽڪا لڳايا پيا وڃن جن جو مقصد مستقبل ۾ خطرناڪ مرضن جي شرح کي گهٽ ڪرڻ آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پريونشن از بيٽر دين ڪيور جي اصول تي عمل ڪندي ويڪسينيشن پروگرامز کي سگهه وٺائي سگهجي ته جيئن ڪينسر سميت مختلف بيمارين کان بچاءُ ممڪن بڻائي سگهجي. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته صحت جي شعبي ۾ ڪم رڳو پيشيواراڻي ذميواري نه پر انسانيت جي خدمت آهي، جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ڏورانهن علائقن تائين طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي.











