سينيٽ چيئرمين پاران چين جي حڪومت ۽ عوام کي نئين چين جي سال جون مبارڪون

اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  چين جي نئين سال جي موقعي تي چين جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين  چيو ته نئون چيني سال خوشي، امن، ترقي ۽ خوشحالي کڻي ايندو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو سال چين جي عوام لاءِ ڪاميابين، استحڪام ۽ وڌيڪ اڳڀرائي جو سبب بڻجندو. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ …

اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني  چين جي نئين سال جي موقعي تي چين جي حڪومت، قيادت ۽ عوام کي مبارڪون ڏنيون آهن. پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين  چيو ته نئون چيني سال خوشي، امن، ترقي ۽ خوشحالي کڻي ايندو، هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو سال چين جي عوام لاءِ ڪاميابين، استحڪام ۽ وڌيڪ اڳڀرائي جو سبب بڻجندو. سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان ۽ چين وچ ۾ پراڻي، مثالي ۽ مضبوط دوستي کي ٻنهي ملڪن جي عوام لاءِ فخر جو سبب قرار ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل اعتماد، احترام ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. جيڪي وقت سان گڏوگڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن. سينيٽ چيئرمين ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان، چين سان پارلياماني رابطن سميت هر سطح تي تعاون کي هٿي وٺائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي شراڪتداري خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن  چين جي نئين سال جي موقعي تي چين جي عوام لاءِ نيڪ تمنائن، صحت، خوشي ۽ ترقي جي دعا به ڪئي.