اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي باجوڙ چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي بهادر سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير حملو ناڪام بڻائڻ دوران شهادت جو رتبو ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 11 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو …
گهرو وزير پاران باجوڙ ۾ چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جو دهشتگرد حملو ناڪام بڻائڻ تي بهادر سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد -17 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي باجوڙ چيڪ پوسٽ تي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي بهادر سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير حملو ناڪام بڻائڻ دوران شهادت جو رتبو ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي 11 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. گهرو وزير شهيدن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار به ڪيو. هن چيو ته بهادر سپوتن پنهنجي قيمتي جان جي قرباني ڏئي 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائيندي جوانن جي جرئت کي سلام پيش ڪيون ٿا. شهيدن جون عظيم قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن، کين هميشه ياد رکيو ويندو.











