اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس خليل الرحمان خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس شمار ملڪ جي سينيئر ۽ تجربيڪار ججز ۾ ٿيندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جسٽس خليل الرحمان خان جو …
وزيراعظم شهباز شريف پاران سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس خليل الرحمان خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي اڳوڻي جج ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس خليل الرحمان خان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندس شمار ملڪ جي سينيئر ۽ تجربيڪار ججز ۾ ٿيندو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته جسٽس خليل الرحمان خان جو شمار فرض شناس ججن ۾ ٿيندو هو جنهن سموري عمر عدل ۽ انصاف جي لاءِ ڪم ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جسٽس خليل الرحمان خان جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ جسٽس خليل الرحمان خان کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ سندس درجا بلند فرمائي.











