“گونگ شي فاثائي، شن نيان ڪوائيلا”، صدر آصف علي زرداري پاران چين جي نئين سال جي موقعي تي مُبارڪُون

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيني سال جي شروعات تي عوامي جمهوريه چين جي عوام، حڪومت ۽ قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل احترام، اعتماد ۽ هڪ گڏيل ويزن جي بنياد تي اسٽريٽجڪ حصيداري تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن، اسان جي دوستي بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ به مضبوط رهي آهي، پاڪستان ون چائنا پاليسي ۽ چين ڪشمير …

اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيني سال جي شروعات تي عوامي جمهوريه چين جي عوام، حڪومت ۽ قيادت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جا گڏيل احترام، اعتماد ۽ هڪ گڏيل ويزن جي بنياد تي اسٽريٽجڪ حصيداري تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن، اسان جي دوستي بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ به مضبوط رهي آهي، پاڪستان ون چائنا پاليسي ۽ چين ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي اصولي موقف جي حمايت ڪري ٿو. ايوان صدر پاران نئين چيني سال 2026ع جي شروعات تي جاري پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته نئون چيني سال گهوڙي سان منسوب آهي جيڪو خوش بختي ۽ روايتي طور تي توانائي، ترقي ۽ ثابت قدمي جي علامت سمجهيو وڃي ٿو، اهي خوبيون نئين شروعات ۽ اڳتي وڌڻ جي ان جذبي کي ظاهر ڪن ٿيون جيڪي ان ڏهاڙي جي سڃاڻپ آهن ۽ اهي پاڪستان ۽ چين جي پراڻي دوستي جي عڪاسي پڻ ڪن ٿيُون. صدر چيو ته سال 2026ع ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 75هين سالگرهه پڻ آهي جيڪي 1951ع ۾ قائم ٿيا. 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ پاڪستان ۽ چين گڏيل احترام، اعتماد ۽ هڪ گڏيل ويزن جي بنياد تي هر موسم جي اسٽريٽجڪ حصيداري تعاون تي ٻڌل لاڳاپا قائم ڪيا آهن، اها فولادي دوستي بدلجندڙ عالمي حالتن ۾ به مضبوط رهي آهي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم ٿنڀ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي آزمايل دوستي جون پاڙون تاريخ ۾ موجود آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اهو آخري عالمي اڳواڻ هو جنهن چيئرمين مائو زي دونگ سان ملاقات ڪئي، اهو لمحو ان اعتماد ۽ اسٽريٽجڪ دانشمندي جي علامت هو جيڪو اڄ تائين اسان جي لاڳاپن جي رهنمائي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين سدائين هڪ ٻئي جي بنيادي قومي مفادن جي معاملن تي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان مستقل طور تي ون چائنا پاليسي جي حمايت ڪندو رهيو آهي جڏهن ته چين به اصولي موقف سان پاڪستان جي حمايت ڪئي آهي جنهن ۾ ڄمون ۽ ڪشمير مسئلو پڻ شامل آهي ۽ ان جي پرامن حل تي زور ڏنو آهي جيڪو گڏيل قومن جي منشور ۽ لاڳاپيل سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب هجي. صدر چيو ته 2008ع کان 2013ع تائين پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ مون کي ڪيترائي ڀيرا چين جو دورو ڪرڻ جو موقعو مليو جيڪو ان عرصي ۾ چين ويندڙ اڪثر عالمي اڳواڻن کان وڌيڪ هو، انهن بار بار ملاقاتن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان سدائين چين سان لاڳاپن کي ترجيح ڏني آهي ۽ ان سان گڏيل اعتماد ۽ ڊگهي مدي وارو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿيو. هن چيو ته چين جي صدر شي جن پنگ جي دورانديش قيادت ۾ چين امن، ترقي ۽ گهڻ رخي تعاون جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ان جي قيادت پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي ۽ گڏيل ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ تعاون کي فروغ ڏنو آهي، پاڪستان علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ چين جي مثبت ۽ تعميري ڪردار کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو جن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي باني ميمبر جي طور تي ان جي حيثيت پڻ شامل آهي، چين جي ويزن ۽ مسلسل ڪوششن سان ايس سي او کي ڳالهه ٻولهه، گڏيل سلامتي ۽ معاشي تعاون جي موثر پليٽ فارم جي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملي آهي جنهن سان خطي ۾ استحڪام ۽ يوريشيا ۾ رابطن کي فروغ مليو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ به ويجهو تعاون موجود آهي جنهن خطي ۾ امن ۽ استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اها حصيداري اسان جي گڏيل مفادن جي تحفظ ۽ هڪ محفوظ ۽ مستحڪم علائقائي ماحول جي فروغ جي عزم جي عڪاس آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه بيلٽ اينڊ روڊ فريم ورڪ تحت هڪ اهم منصوبو آهي جيڪو بنيادي ڍانچي جي ترقي، صنعتي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ رابطن کي اڳتي وڌائي رهيو آهي، هاڻي سي پيڪ پنهنجي اڳئين مرحلي ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان گڏيل خوشحالي جي لاءِ ان جي مڪمل صلاحيت مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته گذريل سال مون کي ٻه ڀيرا چين جو دورو ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جنهن سان امن ۽ تعاون جي لاءِ اسان جي گڏيل عزم جي توثيق ٿي. انهن دورن اسان جي گڏيل اسٽريٽجڪ اعتماد کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ۽ معيشت، ٽيڪنالاجي ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪيا. هن چيو ته آئون ويجهي مستقبل ۾ ٻيهر چين جو دورو ڪرڻ جو خواهشمند آهيان ته جيئن ان مثبت اڳڀرائي کي وڌيڪ اڳتي وڌائي سگهجي. صدر چيو ته جيئن ته مون ڪيترن ئي موقعن تي چئي چڪو آهيان، پاڪستان ۽ چين آزمايل ۽ فولادي ڀائر آهيون جيڪي خوشين ۽ گڏيل حمايت تي ٻڌل اهو تعلق ٻنهي قومن جي لاءِ طاقت جو ذريعو آهي، چيني نئين سال جي ان مبارڪ موقعي تي آئون چيني عوام جي لاءِ صحت، خوشي ۽ مسلسل ڪاميابي جي دعا ڪريان ٿو. دعا آهي ته گهوڙي سان منسوب هي سال اسان جي ٻنهي قومن کي واپار، جدت، امن ۽ عوامي رابطن ۾ وڌيڪ ڪاميابين طرف وٺي وڃي. پاڪستان ان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل خوشحال مستقبل جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. هن چيني زبان ۾ چيو ته ”گونگ شي فاثائي، شن نيان ڪوائيلا (خوشحالي ۽ ڪاميابي جي دعا سان گڏ نئون سال مبارڪ).