لاهور-16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اقليتن سان برابري جو درس ڏئي ٿو، قومي پيغام امن ڪميٽي جو بنيادي مقصد هيٺين سطح تي هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ جي سوچ پيدا ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيٿيڊرل چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. طاهر محمود اشرفي چيو ته پيغام …
پاڪستان جو آئين اقليتن سان برابري جو درس ڏئي ٿو: حافظ طاهر محمود اشرفي

مزید خبریں
لاهور-16 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان علما ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر محمود اشرفي چيو آهي ته پاڪستان جو آئين اقليتن سان برابري جو درس ڏئي ٿو، قومي پيغام امن ڪميٽي جو بنيادي مقصد هيٺين سطح تي هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ جي سوچ پيدا ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪيٿيڊرل چرچ ۾ بين المذاهب هم آهنگي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. طاهر محمود اشرفي چيو ته پيغام پاڪستان جي معنيٰ آهي ته پنهنجي مسلڪ کي نه ڇڏيو ۽ ٻئي جي مسلڪ کي نه ڇيڙيو، اسان وڏا وڏا مسئلا چرچ ۽ مسجدن ۾ حل ڪيا آهن، وحدت اتحاد بين المذاهب جي ڳالهه ڪرڻ آسان ناهي، اسلام آباد ،راولپنڊي ۾ خودڪش حملي تي علماءَ ڪرام اسپتالن ۽ امام بارگاهه جي ٻاهر لائنون لڳائي بيٺل هئا. طاهر محمود اشرفي چيو ته قومي پيغام امن ڪميٽي جو بنيادي مقصد هيٺين سطح تي هڪ ٻئي سان گڏجي هلڻ جي سوچ پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان تي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي جنگ مڙهيل آهي، جنهن جو اسان کي گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.











