يو اي اي جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جُز آهي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير

راولپنڊي-16 فيبروري (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جُز آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير يو اي اي جي نائب حڪمران ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار شيخ طحنون بن زايد النهيان جي ابوظهبي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ …

راولپنڊي-16 فيبروري (اي پي پي) آرمي چيف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جُز آهي. آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل سيد عاصم منير يو اي اي جي نائب حڪمران ۽ قومي سلامتي جي صلاحڪار شيخ طحنون بن زايد النهيان جي ابوظهبي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ گڏيل سهڪار خاص ڪري معيشت، سيڙپڪاري ۽ سلامتي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ٻنهي اڳواڻن خطي جي صورتحال، امن ۽ سلامتيءَ کي هٿي وٺرائڻ لاءِ مسلسل رابطن تي زور ڀريو. فيلڊ مارشل يو اي اي طرفان پاڪستان جي مستقل حمايت تي ٿورو مڃيندي چيو ته هي سهڪار ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ گهرن تاريخي ناتن جو مظهر آهي. فيلڊ مارشل پاڪستان ۾ معاشي ۽ سماجي ترقيءَ کي هٿي وٺرائڻ ۾ اماراتي قيادت جي تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا تاريخي ناتا ۽ مضبوط اسٽريٽجڪ ڀائيواري آهي. چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ سيد عاصم منير جو چوڻ هو ته يو اي اي جي سلامتي ۽ استحڪام پاڪستان جي سلامتي جو لازمي جُز آهي.