سرڪاري ملڪيتي ادارن جي مجموعي خساري ۾ 3 سالن دوران 74 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جي مجموعي خساري ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي، گذريل 3 سالن ۾ انهن ادارن جي خساري ۾ مجموعي طور 74 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي، ادارن جي بندش جو اهم سبب مالي نقصان به هو، حڪومت کي اصل نقصان سبسڊيز ۾ بدعنواني، چوري ۽ ليڪيجز مان …

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول بابت وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي، ته سرڪاري ملڪيتي ادارن جي مجموعي خساري ۾ آهستي آهستي گهٽتائي اچي رهي آهي، گذريل 3 سالن ۾ انهن ادارن جي خساري ۾ مجموعي طور 74 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي، ادارن جي بندش جو اهم سبب مالي نقصان به هو، حڪومت کي اصل نقصان سبسڊيز ۾ بدعنواني، چوري ۽ ليڪيجز مان ٿي رهيو هو، نجڪاري جو عمل شفاف طريقي سان اڳيان وڌائي رهيا آهيون. ايس اي اوز رپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته ايس او ايز بابت رپورٽ پارليامينٽ ۽ عوام سان شيئر ڪندا رهناسين، ناڻي واري وزير  چيو ته سرڪاري ملڪيتي اداران (ايس او ايز) جي مجموعي نقصان ۾ آهستي آهستي  گهٽتائي اچي رهي آهي. 2023ع ۾ ايگري گيٽ نقصان 905 ارب روپيا هو، 2024ع ۾ 851 ارب روپيا ۽ گذريل مالي سال دوران ايس او ايز جي خسارن جو ڳاڻيٽو 832 ارب روپيا رهيو. گذريل 3 سالن ۾ انهن ادارن جي خساري ۾ مجموعي طور تي 74 ارب روپين جي گهٽتائي ٿي آهي، يعني روزانو جي نقصان جو ڳاڻيٽو 142 ملين روپيا گهٽ ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته منافعو ڏيندڙ ادارا جهڙوڪ  او جي ڊي سي ايل بدستور منافعي ۾ آهي پر ان جي منافعي ۾ گهٽتائي ٿي رهي آهي، عالمي سطح تي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي منافعي ۾ گهٽتائي جو بنيادي سبب آهي. ناڻي واري وزير چيو ته انهن ادارن جو حڪومت جي بار (فزيڪل آئوٽ فلو) آهي، ان جي ماليت 2.078 ٽريلين روپيا آهي، ان معاملي جو هڪ رخ آهي، سوال اهو آهي ته انهن ادارن پاران حڪومت کي ٽيڪس ۽ ڊويڊنڊ جي مد ۾ ڪيترا پيسا ملي رهيا آهن. گذريل سال اهو ڳاڻيٽو 2.119 ٽرلين رپيا هو، جيڪو مجموعي طور تي حڪومت پاران 40 ارب روپين جو مثبت انفلو آهي، ناڻي واري وزير  چيو ته ايس او ايز جا نقصان سالن کان نه پر ڏهاڪن کان جمع ٿي رهيا آهن، موجوده حڪومت انهن ادارن جي گورننس کي بهتر ڪيو آهي، انهن ادارن جي بورڊز ۾ نجي شعبن کي شامل ڪيو پيو وڃي ۽ ايس او ايز ايڪٽ تحت چيئرمينز جي مقرري به نجي شعبي مان ڪئي پئي وڃي. انهن ادارن ۾ لازمي پرڏيهي آڊٽ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. ڪيترن ئي ادارن ۾ ان تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي، گورننس اسڪور ڪارڊ جاري ٿي رهيا آهن، جنهن ۾ عمل ڪرڻ ۽ ڪارڪردگي  شامل آهن. انهن ادارن کي بزنس پلانز  ٺاهڻ لاءِ چيو ويو آهي ۽ انهن تي هن ئي سال  کان ڪم ٿي رهيو آهي، ادارن پاران اسان کي بزنس پلانز ملي رهيا آهن جن جو جائزو ورتو پيو وڃي ته جيئن مستقبل ٻيا طرز عمل به سامهون اچن. ناڻي واري وزير چيو ته انهن سڀني ۾ اهم ڳالهه اها اهي ته اسان ڪجهه دليراڻا فيصلا ۽ قدم کنيا آهن. وزيراعظم ڪابينه جي حمايت سان پاڻ ان جي قيادت ڪري رهيو آهي، ڪيترائي اهڙا ادار هئا جن کي بند ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي ادارا بند ڪيا پيا وڃن، پي ڊبليو ڊي کان اهو سلسلو شروع ٿيو، جنهن کان پوءِ يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي بند ڪيو ويو آهي، پاسڪو کي بند ڪرڻ جو عمل جاري آهي، هي اهي سمورا ادارا آهن جن کي شفاف طريقي سان بند ڪيو ويو، بند ٿيل ادارن جي ملازمن کي مناسب ۽ معقول پيڪيجز ڏنا ويا. ناڻي واري وزير چيو ته ادارن جي بندش جو اهم رخ مالي نقصان به هئا، انهن ادارن کي اربين روپين جي سبسڊيز ڏني وئي جن ۾ بدعنواني، چوري ۽ ليڪيجز  ٿي رهيا هئا حڪومت کي اصل نقصان سبسڊيز ۾ غير مناسب بدعنواني، چوري ۽ ليڪيجز مان ٿي رهيو هو، ناڻي واري وزير چيو ته وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ پروگرام تحت تمام جلد ٻين ايس او ايز بابت فيصلا به ڪيا ويندا. هن چيو ته ڍانچا جاتي سڌارن جي عمل تحت نعجڪاري پروگرام تي به عملدرآمد جاري آهي. فرسٽ وومين بئنڪ جي نجڪاري ٿي چڪي آهي، پي آءِ اي جي نجڪاري جو عمل شفاف طريقي سان ڪيو ويو. اپري ۾ پي آءِ اي جو آپريشنل ڪنٽرول نجي شعبي ڏانهن منتقل ڪيو ويندو، زيڊ ٽي بي ايل جي نجڪاري ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي چڪي آهي، اهڙي طرح ايڇ بي ايف سي جا معاملا به اڳيان وڌايا پيا وڃن. پنجن پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري به هن ئي سال ممڪن  آهي، مجموعي طور تي 26 ايس او ايز کي نجڪاري ڪميشن جي حوالي ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي هدايت آهي ته نجڪاري جو عمل تيزي ۽ شفافيت سان اڳيان وڌايو پيو وڃي ۽ انهن هدايتن موجب قدمن جو سلسلو جاري آهي. اسان رڳو 26 ايس او ايز تي  نه بيهنداسين پر سمورن ايس اي اوز کي آهستي آهستي  نجي شعبي جي حوالي ڪنداسين.