اسلام آباد _16 فيبروري (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڍاڪا روانو ٿي ويو آهي. هو وزيراعظم جي پاڪستان جي پرڏيهه جي دوري سبب بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. پلاننگ ڪميشن مطابق وفاقي وزير بنگلاديش جي گادي واري شهر ۾ اعليٰ اختيارين سان اهم ملاقاتون به ڪندو. احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳن …
وفاقي وزير احسن اقبال ڍاڪا روانو، نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو

مزید خبریں
اسلام آباد _16 فيبروري (اي پي پي)رٿابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڍاڪا روانو ٿي ويو آهي. هو وزيراعظم جي پاڪستان جي پرڏيهه جي دوري سبب بنگلاديش جي نئين چونڊيل وزيراعظم جي حلف برداري تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. پلاننگ ڪميشن مطابق وفاقي وزير بنگلاديش جي گادي واري شهر ۾ اعليٰ اختيارين سان اهم ملاقاتون به ڪندو. احسن اقبال جو چوڻ آهي ته ٻنهي ملڪن جي دوستاڻن لاڳن کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سياسي، معاشي ۽ اقتصادي شعبن ۾ ترقي جا نوان رستا هموار ڪري سگهجن ٿا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان مستقبل ۾ سياسي ۽ اقتصادي اڳڀرائي جا روشن امڪان پيدا ٿيندا.











