گڏيل عرب امارات ۾ عالمي واپاري نمائش م شرڪت لاءِ درخواستون 17 فيبروري تائين طلب

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان  چيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ 14 اپريل کان 16 اپريل تائين  ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش مڊل ايسٽ ڪوٽنگ شو ۾ شرڪت لاءِ 17 فيبروري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش دبئي ۾ 14 اپريل کان 16 اپريل تائين جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستان جي مقامي پينٽس، ڪيميڪلز ۽ ان سان وابسته ماڻهو ۽ …

اسلام آباد -16 فيبروري (اي پي پي) ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي پاڪستان  چيو آهي ته گڏيل عرب امارات ۾ 14 اپريل کان 16 اپريل تائين  ٿيندڙ عالمي واپاري نمائش مڊل ايسٽ ڪوٽنگ شو ۾ شرڪت لاءِ 17 فيبروري تائين درخواستون جمع ڪرائي سگهجن ٿيون. ٽي ڊي اي پي موجب نمائش دبئي ۾ 14 اپريل کان 16 اپريل تائين جاري رهندي جنهن ۾ پاڪستان جي مقامي پينٽس، ڪيميڪلز ۽ ان سان وابسته ماڻهو ۽ ادارا پنهنجي مصنوعات عالمي خريدارن سامهون پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ پنهنجا ڪاروباري معاملا طئي ڪري سگهندا. نمائش جي حوالي سان وڌيڪ تفصيل اٿارٽي جي ويب سائيٽ تان حاصل ڪري سگهجن ٿا.