وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن ويانا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو

اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن ويانا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪرسچين اسٽاڪر سان ٻطرفي وفدن جي سطح تي ملاقات جي لاءِ آسٽرين چانسلري ويندو جتي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان - آسٽريا بزنس فورم ۾ شرڪت ۽ خطاب پڻ ڪندو. …

اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڄ سومر ڏينهن ويانا ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم آسٽريا جي چانسلر ڪرسچين اسٽاڪر سان ٻطرفي وفدن جي سطح تي ملاقات جي لاءِ آسٽرين چانسلري ويندو جتي وزيراعظم کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان – آسٽريا بزنس فورم ۾ شرڪت ۽ خطاب پڻ ڪندو. وزيراعظم ويانا ۾ گڏيل قومن تحت منعقد ”پائيدار ترقي، عالمي امن ۽ خوشحالي جو رستو“ جي موضوع تي خصوصي تقريب ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو.