منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال بنگلاديش جي نئين چونڊيل حڪومت جي حلف برداري تقريب  ۾ شرڪت ڪندو

اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان حڪومت پاران بنگلاديش جي نئين چونڊيل حڪومت جي حلف برداري تقريب  ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب بنگلاديش جي نئين چونڊيل حڪومت جي حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. حلف برداري جي تقريب 17 …

اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان حڪومت پاران بنگلاديش جي نئين چونڊيل حڪومت جي حلف برداري تقريب  ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب بنگلاديش جي نئين چونڊيل حڪومت جي حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو. حلف برداري جي تقريب 17 فيبروري 2026ع تي ڍاڪا ۾ ٿيندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي اڳ کان طئي ٿيل ٻاهرئين ملڪ مصروفيتن جي ڪري ان تقريب ۾ شرڪت نه ڪري سگهندو. ان تقريب ۾ پاڪستان جي شرڪت بنگلاديش جي جمهوري عمل جي حمايت جي عڪاس آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي اجاگر ڪري ٿي.