وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪرسچيئن اسٽاڪر جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ويانا لاءِ روانو

لاهور- 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪرسچيئن اسٽاڪر جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آسٽريا جي شهر ويانا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

لاهور- 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪرسچيئن اسٽاڪر جي دعوت تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آسٽريا جي شهر ويانا لاءِ روانو ٿي ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ خاص مددگار طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ شامل آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم ويانا ۾ فيڊرل چانسلري ۾ ڪرسچيئن اسٽاڪر سان ٻطرفي ۽ وفدن جي سطح تي ملاقات ڪندو. وزيراعظم ۽ آسٽريا جي چانسلر ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ مشهُور ڪاروباري ماڻهن جي اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندا. بعد ۾ وزيراعظم پاڪستان-آسٽريا بزنس فورم ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم ويانا ۾ گڏيل قومن جي تحت منعقد ٿيندڙ "پائيدار ترقي، عالمي امن ۽ خوشحالي جو رستو” جي موضوع تي منعقد ڪيل هڪ خاص تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو ۽ خطاب ڪندو. ان کانسواءِ هو انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جنرل سان پڻ ملاقات ڪندو. بيان موجب وزيراعظم جو آسٽريا جو سرڪاري دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ نون رخن جو اضافو ڪندو.