اسلام آباد -15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪرسچيئن اسٽاڪر جي دعوت تي 15 کان 16 فيبروري 2026ع تائين ويانا، آسٽريا جي سرڪاري دوري تي آهي، سندس اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام کي 70 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي دوري دوران پنهنجي آسٽرين هم منصب سان ٻه طرفه ڳالهين ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد -15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آسٽريا جي چانسلر ڪرسچيئن اسٽاڪر جي دعوت تي 15 کان 16 فيبروري 2026ع تائين ويانا، آسٽريا جي سرڪاري دوري تي آهي، سندس اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام کي 70 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان آهي. پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل بيان موجب دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير عطاء الله تارڙ، وزيراعظم جو خاص مددگار سيد طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري سفير آمنه بلوچ به شامل هئا. آسٽريا جي دوري دوران وزيراعظم پنهنجي آسٽرين هم منصب سان ٻه طرفه ڳالهيون ڪندو جنهن دوران ٻئي اڳواڻ پاڪ آسٽريا لاڳاپن جي سمورن رخن جو تفصيلي جائزو وٺندا. وزيراعظم پاڪستان- آسٽريا بزنس فورم جي اجلاس جي پڻ صدارت ڪندو، جنهن کي آسٽرين اڪنامڪ چيمبر منعقد ڪري رهيو آهي. هو ويانا ۾ قائم گهڻ رخي تنظيمن جو دورو به ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف جو اهو دورو 3 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي ۾ ڪنهن پاڪستاني وزيراعظم پاران آسٽريا جو پهريون دورو آهي. ان کان اڳ 1992ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف آسٽريا جو دورو ڪيو هو.











