اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽيءَ جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندڙ صدر، صدر آصف علي جي موڪليل نيڪ تمنائن واري پيغام تي ٿورو مڃيو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي چيو آهي، ته بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ گڏيل تاريخ آهي، جنهن ۾ چئلينجز ۽تعاون ٻئي شامل رهيا آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي عوام هميشه ڳالهين، گڏيل …
صدر آصف علي زرداري پاران موڪليل نيڪ تمنائن واري پيغام تي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي صدر سندس ٿورو مڃيو

مزید خبریں
اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽيءَ جي چونڊن ۾ سوڀ ماڻيندڙ صدر، صدر آصف علي جي موڪليل نيڪ تمنائن واري پيغام تي ٿورو مڃيو. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تي جاري بيان ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي چيو آهي، ته بنگلاديش ۽ پاڪستان وچ ۾ لاڳاپن جي هڪ گڏيل تاريخ آهي، جنهن ۾ چئلينجز ۽تعاون ٻئي شامل رهيا آهن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي عوام هميشه ڳالهين، گڏيل احترام ۽ علائقائي رابطن کي اهميت ڏني آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته بي اين پي کي اميد آهي ته ايندڙ سالن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعميري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط، اقتصادي تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي هٿي وٺائڻ ۽ هڪ پرامن خوشحال ڏکڻ ايشيا لاءِ گڏيل طور ڪم ڪيو ويندو.











