لاهور -14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم، گهرو وزير کي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي صورتحاسل ۽ ٻيا معاملا بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان جي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن وزيراعظم کي ملڪ جي مجموعي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو وزير محسن نقوي جي ملاقات

مزید خبریں
لاهور -14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي آهي، وزيراعظم، گهرو وزير کي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي صورتحاسل ۽ ٻيا معاملا بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان جي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن وزيراعظم کي ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي اسلام آباد جي موجوده مجموعي سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي سان به تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم محمد شهباز شريف گهرو وزير کي اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي جي صورتحال ۽ ٻيا معاملا بهتر طريقي سان حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير محسن نقوي جلد سريلنڪا جو دورو ڪندو ۽ سريلنڪا جي صدر انورا ڪمارا ڊسانائڪي کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو خاص پيغام پهچائيندو.











