اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان شام ۾ حضرت بي بي زينب رضه جي مزار جي متولي ۽ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ زائرين کي سهولتن جي فراهمي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گذريل ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان …
گهرو وزير محسن نقوي سان حضرت بي بي زينب رضه جي مزار جي متولي ۽ وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-14 فيبروري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان شام ۾ حضرت بي بي زينب رضه جي مزار جي متولي ۽ وفد ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ زائرين کي سهولتن جي فراهمي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته زائرين کي وڌ کان وڌ سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ گڏيل تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. گذريل ڏينهن گهرو وزارت پاران جاري بيان موجب گهرو وزير محسن نقوي چيو ته حضرت بي بي زينب رضه مسلمان امت جي دلين ۾ خاص مقام رکي ٿي. لکين پاڪستاني هر سال زيارتن لاءِ شام ويندا آهن. اسان سڀ گڏجي گڏيل انتظامن ذريعي زائرين لاءِ آسانيون پيدا ڪري سگهون ٿا. شامي وفد طرفان گهرو وزير محسن نقوي کي شام جي دوري جي دعوت ڏني وئي. وفد ۾ ڊاڪٽر معاذن هاني، ڊاڪٽر عظمت حسين ۽ پروفيسر نور زيدي شامل هئا.











