لاهور - 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرمين طارق رحمان کي عام چونڊن ۾ پارٽي جي تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏيندي بنگلاديش جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي …
وزيراعظم شهباز شريف جو بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي چيئرمين طارق رحمان سان ٽيليفونڪ رابطو، عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪون

مزید خبریں
لاهور – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرمين طارق رحمان کي عام چونڊن ۾ پارٽي جي تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران مبارڪباد ڏيندي بنگلاديش جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرمين طارق رحمان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ کيس عام چونڊن ۾ سندس پارٽي جي تاريخي ۽ شاندار ڪاميابي تي عوام ۽ پاڪستان حڪومت پاران دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم بنگلاديش جي عوام کي پڻ عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني جيڪو بنگلاديشي قوم جي جمهوري نظرين ۽ قدرن جي عڪاسي ڪري ٿو. پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيراعظم بنگلاديش جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ته جيئن گڏيل مفاد جي سمورن شعبن سان گڏوگڏ علائقائي امن ۽ ترقي جي لاءِ هڪ ٻئي جي خودمختياري جي مڪمل احترام سان گڏيل فائديمند ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪري سگهجي. خوشگوار ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن بيگم خالده ضياءَ جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان بنگلاديش لاڳاپن ۾ سندس نمايان خدمتن ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام کي ويجهو آڻڻ ۾ سندس اهم ڪردار کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف طارق رحمان کي جلد کان جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. طارق رحمان پڻ وزيراعظم کي بنگلاديش جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ايندڙ ڏينهن ۾ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري سگهجي.











