نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آٽزم جي لاءِ قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس جي مشاورتي بورڊ جو ٻيو اجلاس

اسلام آباد  -13 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آٽزم جي لاءِ قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس جي مشاورتي بورڊ جو ٻيو اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اداري جي لاءِ جڳهه جي تعين ۽ جديد ترين سهولتن جي منصوبابندي جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن معياري …

اسلام آباد  -13 فيبروري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آٽزم جي لاءِ قائم ڪيل سينٽر آف ايڪسيلينس جي مشاورتي بورڊ جو ٻيو اجلاس ٿيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اداري جي لاءِ جڳهه جي تعين ۽ جديد ترين سهولتن جي منصوبابندي جي حوالي سان ڪميٽي جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن معياري خدمتن جي فراهمي، تربيت يافته ماهرن، خصوصي طرز تعمير ۽ عالمي بهترين طريقيڪار اختيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن آٽزم اسپيڪٽرم ڊس آرڊر جي حوالي سان عالمي معيار جي بحالي، تعليم، علاج ۽ تحقيق جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، تعليم واري سيڪريٽري، ناڻي واري اسپيشل سيڪريٽري ۽ صحت، تعليم سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.