پاڪ بحريه جي نئين سامونڊي جهاز ”پي اين ايس خيبر“ جو ترڪيه جو دؤرو، گڏيل سامونڊي مشقن ۾ شرڪت

اسلام آباد/انقره-13 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي نئين شامل ٿيل اسٽيٽ آف دي آرٽ جهاز ”پي اين ايس خيبر“ ترڪيه کان پاڪستان جي پنهنجي پهرين سفر دوران اڪساز نيول بيس جو دؤرو ڪيو ۽ ترڪيه جي بحريه سان گڏيل مشقن ۾ حصو ورتو. پي اين اي ايس خيبر جي ڪمانڊنگ آفيسر ترڪ سدرن سي ايريا ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار کي وڌائڻ ۽ …

اسلام آباد/انقره-13 فيبروري (اي پي پي) پاڪ بحريه جي نئين شامل ٿيل اسٽيٽ آف دي آرٽ جهاز ”پي اين ايس خيبر“ ترڪيه کان پاڪستان جي پنهنجي پهرين سفر دوران اڪساز نيول بيس جو دؤرو ڪيو ۽ ترڪيه جي بحريه سان گڏيل مشقن ۾ حصو ورتو. پي اين اي ايس خيبر جي ڪمانڊنگ آفيسر ترڪ سدرن سي ايريا ڪمانڊر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ٻه طرفي سامونڊي سهڪار کي وڌائڻ ۽ گڏيل ڪوششن ذريعي علائقائي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بعد ۾ ترڪ سدرن سي ايريا ڪمانڊر ۽ ڪمانڊر اڪساز نيول بيس ٻين آفيسرن سان پي اين ايس خيبر جو معائنو پڻ ڪيو.

آءِ ايس پي آر موجب بندرگاهه جي دؤري کانپوءِ پي اين ايس خيبر ترڪيه جي بحريه جي جهاز ”ٽي سي جي هيبلي آڊا“ (TCG HEYBELIADA) ۽ هيليڪاپٽر سان ٻه طرفي سامونڊي مشق ”ترگت رئيس XIII ۾ شرڪت ڪئي. انهن مشقن جو مقصد گڏيل سامونڊي آپريشنز جي ريهرسل ڪرڻ، ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ هم آهنگي کي بهتر بڻائڻ شامل آهي. مشقن جي پڄاڻيءَ تي پي اين ايس خيبر ۽ ٽي سي جي هيبلي آڊا اوڀر روم سمنڊ ۾ گڏيل پيٽرولنگ به ڪئي.