اسلام آباد جيل ٻن مهينن ۾ بحال ٿي ويندو: گهرو وزير محسن نقوي

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد جيل ٻن مهينن ۾ بحال ٿي ويندو، مقامي ڪيسن جي سمورن ملزمن ۽ ڏوهارين کي منتقل ڪنداسين، جيڪو به غير قانوني افغان پناهگير پاڪستان ۾ موجود آهي ان کي هر صورت ۾ واپس اُماڻيو ويندو، ڌرڻي جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کانپوءِ صورتحال موجب مُنهن ڏينداسين. اسلام آباد …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) گهرو ۽ منشيات جي خاتمي واري وفاقي وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد جيل ٻن مهينن ۾ بحال ٿي ويندو، مقامي ڪيسن جي سمورن ملزمن ۽ ڏوهارين کي منتقل ڪنداسين، جيڪو به غير قانوني افغان پناهگير پاڪستان ۾ موجود آهي ان کي هر صورت ۾ واپس اُماڻيو ويندو، ڌرڻي جي ڊيڊ لائن ختم ٿيڻ کانپوءِ صورتحال موجب مُنهن ڏينداسين. اسلام آباد جي ريسڪيو ۽ ايمرجنسي سروس کي مڪمل خودمختيار ۽ جديد ادارو بنائڻ وڃي رهيا آهيون. هو اسلام آباد پوليس لائن ۾ اسپيسل ويپنز اينڊ ٽيڪٽس فورس (ايس ڊبليو اي ٽي) پاسنگ آئوٽ کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. آءِ جي اسلام آباد پوليس ناصر علي رضوي سميت پوليس آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. اسلام آباد ايمرجنسي سروس کي جديد بڻائڻ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ايمرجنسي سروس کي هڪ ڌار ادارو بڻائي رهيا آهيون، ان اسٽيٽ آف دي آرٽ اداري کي جديد سهولتن وارو بڻائڻ وڃي رهيا آهيون. پي ٽي آءِ باني کي اسلام آباد جي نئين تيار ٿيل جيل منتقليءَ جي سوال تي گهرو وزير جو چوڻ هو ته ان سميت جنهن خلاف به اسلام آباد جا ڪيس داخل آهن ۽ هو قيد آهن کين اسلام آباد جي نئين جيل جيڪو ٻن مهينن ۾ فعال ٿيندو، ۾ منتقل ڪيو ويندو. پي ٽي آءِ طرفان اسلام آباد ۾ ڌرڻي جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته 48 ڪلاڪن جي ڊيڊ لائن گذرڻ ڏيو ان کان پوءِ جيڪڏهن ڪنهن ڌرڻو لڳايو ته ان سان قانون موجب مُنهن ڏنو ويندو. آءِ جي اسلام آباد ۽ سندس ٽيم مڪمل طور تي تيار آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلام آباد راولپنڊي سميت ڪٿي به غير قانوني افغان پناهگير جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو ته کيس فورن واپس اُماڻيو ويندو. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي گهرو وزير جو چوڻ هو ته جڏهن کان اسلام آباد پوليس جو وجود عمل ۾ آيو ان وقت کان سندس وٽ دهشتگردن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنجاب ۽ ٻين صوبن وٽ ايليٽ فورس طرز جو فورس نه هو. هن چيو ته پاڪ فوج جي ٽرينرز ڏينهن رات ڪري 6 مهينن جي تربيت جو هي عمل 3 مهينن ۾ مڪمل ڪيو آهي. ان سان گڏ نيشنل پوليس اڪيڊمي ۽ پوليس ٽريننگ اسڪول کي به اپ گريڊ ڪيو ويو آهي جتي عالمي معيار جي تربيت ڏني ويندي، باقي صوبن جا فورسز به اسان وٽ تربيت لاءِ ايندا. هن چيو ته اسپيشل ويپنز اينڊ ٽيڪٽس فورس، تازي دهشتگردي جي وڌندڙ لهر کي روڪڻ لاءِ اڻٽر هئي، هاڻ ان فورس جو پهريون جٿو پاس آئوٽ ٿيڻ کان پوءِ فيلڊ ۾ ايندو. هن چيو ته اسلام آباد ٽريفڪ پوليس ۽ ڊرائيونگ اسڪول ۾ به سڌارا نظر ايندا. اسلام آباد پوليس ۾ ڀرتيءَ جي ضرورت به پوري ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. اسلام آباد پوليس جي پهرين ترجيح امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ۾ رکڻ آهي.