وفاقي وزير احسن اقبال پاران سيبس يونيورسٽي ڄامشورو جو دورو

حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو جو دورو ڪيو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، استادن ۽ يونيورسٽي عملدارن پاران سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي. پنهنجي دوري دوران وفاقي وزير يونيورسٽي جي واٽر ريزروائر واري هنڌ تي ڪراچي واھه (ڪي بي فيڊر) کان نڪرندڙ نئين مڪمل ٿيل …

حيدرآباد-13 فيبروري (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال شهيد الله بخش سومرو (سيبس) يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائن اينڊ هيريٽيجز، ڄامشورو جو دورو ڪيو، جتي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو، استادن ۽ يونيورسٽي عملدارن پاران سندس ڀرپور آجيان ڪئي وئي. پنهنجي دوري دوران وفاقي وزير يونيورسٽي جي واٽر ريزروائر واري هنڌ تي ڪراچي واھه (ڪي بي فيڊر) کان نڪرندڙ نئين مڪمل ٿيل واٽر لائين جو افتتاح ڪيو. جيڪا ڪيمپس ۾ پاڻي جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ لاءِ اهم قدم آهي. وفاقي وزير، شاگردن پاران حڪومت جي تبديلي آڻيندڙ فائيو اِيز فريم ورڪ تحت لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو ڪيو ۽ شاگردن جي تخليقي صلاحيتن جي واکاڻ ڪئي. هن فريم ورڪ جو مرڪز روانگي واپار، اي پاڪستان، ماحوليات، توانائي ۽ ڍانچي ۽ برابري تي ٻڌل آهي، جنهن جو مقصد پاڪستان کي پائيدار معاشي ترقي ڏانهن گامزن ڪرڻ آهي. پروفيسر احسن اقبال شاگردن سان ملاقات پڻ ڪئي. وفاقي وزير شاگردن جي محنت، جذبي ۽ تخليقي صلاحيتن کي ساراهيو. شاگردن وزير جي دوري تي سندس ٿورا مڃيا ۽ پنهنجون علمي ۽ تخليقي سرگرميون ساڻس ونڊيون.ان موقعي تي شاگردن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته اعليٰ تعليمي ادارا پاڪستان جي مستقبل جي تعمير ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن شاگردن کي جدت، تحقيق ۽ قومي تعمير جي ڪوششن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي تلقين ڪئي .آخر ۾ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ارابيلا ڀٽو وفاقي وزير کي شيلڊ ۽ اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو. ان موقعي تي مملڪتي وزير کيئل داس ڪوهستاني، مسلم ليگ (ن) سنڌ جو صدر بشير ميمڻ ۽ مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ شاهه محمد شاهه پڻ موجود هئا.