اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم ۾ سي ٽو اسٽيل منصوبي کي تيز ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ صنعتن ۾ پاڻڀرو ۽ اسٽيل جي مقامي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. جاري بيان موجب اجلاس ۾ انٽيگريٽيڊ ميري ٽائم انڊسٽريل ڪامپليڪس (آءِ ايم آءِ سي) تي تفصيلي غور ڪيو ويو جيڪو بندرگاهي انفراسٽرڪچر …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جي صدارت ۾ اجلاس، پورٽ قاسم ۾ سي ٽو اسٽيل منصوبي جو جائزو ورتو ويو

مزید خبریں
اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري پورٽ قاسم ۾ سي ٽو اسٽيل منصوبي کي تيز ڪرڻ لاءِ اعليٰ سطحي جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ صنعتن ۾ پاڻڀرو ۽ اسٽيل جي مقامي پيداوار کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. جاري بيان موجب اجلاس ۾ انٽيگريٽيڊ ميري ٽائم انڊسٽريل ڪامپليڪس (آءِ ايم آءِ سي) تي تفصيلي غور ڪيو ويو جيڪو بندرگاهي انفراسٽرڪچر جي اپ گريڊيشن، جهاز سازي ۽ ري سائيڪلنگ سهولتن جي قيام ۽ مربوط اسٽيل مل جي بحاليءَ تي ٻَڌل هڪ فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جو مقصد سامونڊي وسيلن کي صنعتي ترقيءَ سان جوڙي قومي معيشت کي مضبوط بنائڻ آهي. اجلاس ۾ چين جي شينڊونگ زنشو گروپ جي نمائندن ۽ سامونڊي معاملن واري وزارت جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پورٽ قاسم اٿارٽي جي چيئرمين ريئر ايڊمرل (ر) سيد معظم الياس ڪراچيءَ مان وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ حصو ورتو. آءِ ايم آءِ سي جي ٽن بنيادي جزن ۾ آئرن ۽ ڪول برٿ جيٽي جي بحالي ۽ اپ گريڊيشن شامل آهي. ان سهولت تحت جهازن جي ري سائيڪلنگ ۽ مرمت ڪئي ويندي جڏهن ته حاصل ٿيندڙ اسڪريپ اسٽيل مل جي بحاليءَ ۾ استعمال ٿيندو. منصوبي کي سي ٽو اسٽيل گرين ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪوريڊور جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪو شپ ري سائيڪلنگ کي مقامي اسٽيل پيداوار سان جوڙي ٻاهران گهرايل خام مال تي ڀاڙڻ کي گهٽائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. چيني ڪمپني رٿا ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪندي هڪ جامع فزيبلٽي اسٽڊي جمع ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جن ۾ مالياتي، بناوتي ۽ هائيڊرو گرافڪ تجزيا شامل آهن. وفاقي وزير چيو ته آءِ ايم آءِ سي بليو اڪانامي ويزن جو اهم ٿنڀ ثابت ٿي سگهي ٿو، جيڪو سامونڊي اثاثن ذريعي صنعتي ويليو ايڊيشن کي هٿي وٺرائيندو. هن واضح ڪيو ته فزيبلٽي رپورٽ وصول ٿيڻ کانپوءِ ان جو مڪمل ۽ شفاف جائزو ورتو ويندو ۽ حتمي منظوري قومي مفاد کي نظر ۾ رکي ڏني ويندي. هن چيو ته جيڪڏهن منصوبو منظور ٿي وڃي ٿو ته ويجهڙ سالن ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي سامونڊي ۽ صنعتي سيڙپڪاريءَ ۾ شمار ٿيندو ۽ پورٽ قاسم کي خطي ۾ وڏي صنعت ۽ لاجسٽڪس جي اهم مرڪز طور تي مستحڪم ڪندو. وفاقي وزير ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته حڪومت روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، آمدني بل ۾ گهٽتائي ۽ جٽادار ترقيءَ جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪاري کي ڀليڪار ڪندي. هن زور ڀريو ته ڪنهن به منظوريءَ کي قومي ترجيحن، ويليو ايڊيشن ۽ ماحولياتي معيار سان هم آهنگ هئڻ ضروري هوندو.











