قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران بنگلاديش جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي بي اين پي سربراهه طارق رحمان کي مبارڪون

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديش  جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه طارق رحمان کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته بي اين پي کي وڏي اڪثريت سان مينڊيٽ ملڻ بنگلاديش جي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، بنگلاديش ۾ پرامن ۽ شفاف چونڊون …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديش  جي عام چونڊن ۾ ڪاميابي تي بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه طارق رحمان کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ هن چيو ته بي اين پي کي وڏي اڪثريت سان مينڊيٽ ملڻ بنگلاديش جي عوام جي اعتماد جو مظهر آهي، بنگلاديش ۾ پرامن ۽ شفاف چونڊون جمهوري قدرن جي استحڪام جي نشاني آهن. اسپيڪر پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ سان گڏيل اعتماد ۾ اضافو ٿيندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر عوامي ۽ پارلياماني سطح تي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ نئين بنگلاديش جي حڪومت سان ويجهي تعاون جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي لاءِ پاڪستان ۽ بنگلاديش جو گڏيل ڪردار انتهائي اهميت وارو آهي.