ڪوئيٽا-13 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد اختر مينگل جي استعيفا کانپوءِ خالي ٿيل اين اي 256 خضدار جي سيٽ لاءِ ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ترجمان موجب رٽرننگ آفيسر طرفان عوامي نوٽيس 18 فيبروري تي جاري ڪيو ويندو. نامزدگي ڪاغذ 20 کان 24 فيبروري تائين لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي سگهبا. اميدوارن جي شروعاتي …
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران اين اي 256 خضدار جي سيٽ لاءِ ضمني چونڊ جو شيڊول جاري

مزید خبریں
ڪوئيٽا-13 فيبروري (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان قومي اسيمبلي جي ميمبر محمد اختر مينگل جي استعيفا کانپوءِ خالي ٿيل اين اي 256 خضدار جي سيٽ لاءِ ضمني چونڊ جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي صوبائي ترجمان موجب رٽرننگ آفيسر طرفان عوامي نوٽيس 18 فيبروري تي جاري ڪيو ويندو. نامزدگي ڪاغذ 20 کان 24 فيبروري تائين لاڳاپيل رٽرننگ آفيسر وٽ جمع ڪرائي سگهبا. اميدوارن جي شروعاتي فهرست 25 فيبروري تي شايع ٿيندي جڏهن ته نامزدگي ڪاغذن جي جاچ پڙتال 4 مارچ تائين مڪمل ڪئي ويندي. رٽرننگ آفيسر جي فيصلن خلاف اپيلون اپيليٽ ٽربيونل ۾ داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 9 مارچ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انهن اپيلن تي فيصلي جي آخري تاريخ 16 مارچ هوندي. اميدوارن جي نظرثاني ٿيل فهرست 16 مارچ تي شايع ڪئي ويندي جڏهن ته هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ ۽ حتمي فهرست 17 مارچ تي جاري ٿيندي. چونڊ نشانن جي الاٽمينٽ 18 مارچ تي ڪئي ويندي ۽ پولنگ 5 اپريل تي ٿيندي.











