اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ايجنڊا 2026ع لاڳو ڪرڻ بابت ستين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس او آءِ سي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري 2019ع کان اسٽيئرنگ ڪميٽي جي عمل جي ارتقا جو ذڪر ڪندي اجلاس جي اهميت تي روشني وڌي. …
اسلامي تعاون تنظيم جي ستين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪامسٽيڪ ۾ پڄاڻي تي پهتو

مزید خبریں
اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انوويشن ايجنڊا 2026ع لاڳو ڪرڻ بابت ستين اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ٻن ڏينهن وارو اجلاس او آءِ سي ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ پڄاڻي تي پهتو. ان موقعي تي ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري 2019ع کان اسٽيئرنگ ڪميٽي جي عمل جي ارتقا جو ذڪر ڪندي اجلاس جي اهميت تي روشني وڌي. هن صلاحيت سازي، تحقيقي حصيداري، جدت کي هٿي ڏيڻ ۽ اداره جاتي استحڪام ۾ اڳڀرائي کي ساراهيو، جڏهن ته ميمبر ملڪن ۾ لاڳو جي صلاحيتن جي فرق کي هڪ چئلينج قرار ڏنو. او آءِ سي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل آفتاب احمد کوکر بغداد ۾ منعقد ٿيل او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 53 هين اجلاس کان اڳ جامع عملدرآمد رپورٽ جي تياري تي زور ڀريو. هن رپورٽ جي دائري ڪار، طريقيڪار ۽ ٽائيم لائن کي واضح ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي 2026ع کانپوءِ وڌيڪ جامع ۽ نتيجا ڏيندڙ ماڊل تحت ايس ٽي آءِ فريم ورڪ کي توسيع ڏيڻ جي تجويز ڏني. اجلاس جي ٻي ڏينهن ڪامسٽيڪ طرفان پيش ڪيل شمارياتي جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته او آءِ سي ميمبر ملڪن ۾ عالمي پيٽنٽس جي انگ ۾ 27 سيڪڙو اضافو، تحقيقي ڇپائي ۾ چار ڀيرا وڌيڪ اضافو ۽ عالمي يونيورسٽين جي درجابندي ۾ نمايان بهتري ڏسڻ ۾ آئي آهي، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن اڀرندڙ ٽيڪنالاجي، خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ وڌندڙ فني فرق تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اسٽيئرنگ ڪميٽي طئي ڪيو ته او آءِ سي جنرل سيڪريٽريٽ ميمبر ملڪن کان ايجنڊا 2026ع لاڳو ڪرڻ بابت باضابطه رايا حاصل ڪندو. ڪامسٽيڪ ۽ ترڪيه ۾ موجود او آءِ سي جو ذيلي ادارو، معاشي ۽ سماجي تحقيقي ۽ اسلامي ملڪن بابت تربيتي مرڪز گڏيل طور تي هڪ جامع ۽ انگن اکرن تي ٻڌل جائزه رپورٽ تيار ڪندا ته جيئن ثبوتن جي بنياد تي تجزيو ڪري سگهجي ۽ ورجاءُ جي عمل کان بچي سگهجي. اجلاس ۾ اصولي طور تي هڪ نئين 10 سالا فريم ورڪ ”او آءِ سي ايس ٽي آءِ ايجنڊا 2036ع“ جي ضرورت تي به اتفاق ڪيو ويو. هي تجويز ڪيل فريم ورڪ او آءِ سي پروگرام آف ايڪشن (2035-2026ع) سان هم آهنگ هوندو ۽ ان کي وڌيڪ جامع، منصوباجاتي ۽ پئمائش جوڳي حڪمت عملي تحت تيار ڪيو ويندو. ڪميٽي فيصلو ڪيو ته اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اٺون اجلاس گهرايو ويندو جنهن کان اڳ آن لائن مشاورتي اجلاس منعقد ڪيا ويندا ته جيئن حتمي رپورٽ لاڳاپيل او آءِ سي فورم کي پيش ڪري سگهجي.











