پاڪستان ۽ چين وچ ۾ ميڊيا تعاون کي هٿي ڏيڻ تي سيمينار، ميڊيا رابطي کي گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو

اسلام آباد 13 فيبروري (اي پي پي ) بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ پاڪ - چين ميڊيا تعاون، بيانيي  جي ارتقا ۽ موقعن“ جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميڊيا رابطي کي گهرو ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. تقريب ۾ چائنا ميڊيا گروپ مان نورين هو، ڪميونيڪيشن يونيورسٽي آف چائنا مان …

اسلام آباد 13 فيبروري (اي پي پي ) بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ پاڪ – چين ميڊيا تعاون، بيانيي  جي ارتقا ۽ موقعن“ جي عنوان سان سيمينار منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميڊيا رابطي کي گهرو ڪرڻ ۽ عوامي سطح تي ڏي وٺ کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. تقريب ۾ چائنا ميڊيا گروپ مان نورين هو، ڪميونيڪيشن يونيورسٽي آف چائنا مان زانگ يان چيو، سينيئر صحافي ناصر جمال ۽ فريحه ادريس شرڪت ڪئي ۽ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون جي موجوده صورتحال ۽ بيانيي ۾ جدت آڻن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. سيمينار دوران ماهرن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻي روايتي ۽ وسيع تر بيانيي سان گڏو گڏ ماڻهن جي زندگين سان جڙيل مختصر ۽ موثر ڪهاڻين يعني مائيڪرو اسٽوريز کي به اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ گڏيل قربت ۽ هم آهنگي کي هٿي ڏئي سگهجي. شرڪت ڪندڙن سوشل ميڊيا جي بهتر استعمال ذريعي نوجوانن جي تخليقي صلاحيتن کي استعمال ڪرڻ صحافين لاءِ ڊگهي عرصي جا پروگرام جاري رکڻ ۽ ٻولي جي تربيت کي مضبوط بڻائڻ جي تجويز پيش ڪئي وئي. ان کانسواءِ يونيورسٽين ۽ ٿنڪ ٽينڪ وچ ۾ سهڪار عمل کي هٿي ڏيڻ ثقافتي ۽ تفريحي سرگرمين جي ڏي وٺ ذريعي پاڪ – چين اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي اهميت تي به روشني وڌي. ان سيمينار مستقبل ۾ پاڪ – چين ميڊيا تعاون جي رخ جو تعين مقرر ڪرڻ ۽ گڏيل مفاهمت کي گهرو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيندو.