ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي عالمي سطح تي منصفاڻي جدوجهد تسليم ڪيو ويو آهي: ڪشمير ميڊيا سروس

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي تسليم شده پنهنجي حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي عالمي سطح تي هڪ منصفاڻي جدوجهد طور قبول ڪيو ويو آهي ۽ عالمي قانون تحت به ڪشميري عوام کي ڀارتي تسلط سبب آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پر …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جو عوام گڏيل قومن جي تسليم شده پنهنجي حق خوداراديت کي حاصل ڪرڻ لاءِ پرامن جدوجهد ڪري رهيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪشميرين جي آزادي واري تحريڪ کي عالمي سطح تي هڪ منصفاڻي جدوجهد طور قبول ڪيو ويو آهي ۽ عالمي قانون تحت به ڪشميري عوام کي ڀارتي تسلط سبب آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ پر امن جدوجهد جاري رکڻ جو حق حاصل آهي. ڪشميري تڪرار بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڪشميري عوام کي سندن حق خوداراديت حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف ڪشميرين جي حق تي ٻڌل آزادي واري جدو جهد حاصل ڪرڻ جي جدوجهد کي جائز قرار ڏنو ويو آهي. ڀارت فالس فليگ آپريشنز ۽ بي بنياد پروپيگنڊه ذريعي ڪشميرين جي منصفاڻي آزادي واري جدوجهد کي دهشت گردي قرار ڏيڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي. عالمي برادري کي ڪشمري عوام جي آزادي ۽ حق خوداراديت جي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد جي حمايت ڪرڻ گهرجي.