پي ٽي آءِ جي باني جي رهائشي معيار بابت سلمان صفدر ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جي رپورٽن ۾ هڪجهڙائي آهي: سينيٽر راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي رهائشي معيار بابت سلمان صفدر ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جي رپورٽن ۾ هڪجهڙائي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن واقعي 4 مهينن تائين اکين جو علاج نه ڪيو ويو ته اها مجرماڻي ڪوتاهي هوندي، جيڪڏهن حقيقتن جي ابتڙ سياست ڪئي وئي ته هي ان کان به وڏو ڏوهه واري …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ ۾ پارلياماني اڳواڻ سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي رهائشي معيار بابت سلمان صفدر ۽ جيل سپرنٽينڊنٽ جي رپورٽن ۾ هڪجهڙائي آهي، هن چيو ته جيڪڏهن واقعي 4 مهينن تائين اکين جو علاج نه ڪيو ويو ته اها مجرماڻي ڪوتاهي هوندي، جيڪڏهن حقيقتن جي ابتڙ سياست ڪئي وئي ته هي ان کان به وڏو ڏوهه واري ڪم ڪندو. هن چيو ته جنوري جي پهرين هفتي ۾ پي ٽي آءِ باني جي اک جي تڪليف جو ذڪر ڪيو، جيل ڊاڪٽر جون دوائون استعمال ڪيون ويون پر باني چيو ته کيس فائدو نه ٿيو، ان کانپوءِ 15 جنوري تي پمز جي ڊاڪٽرن کي خط لکيو ويو ۽ 16 جنوري تي ڊاڪٽرن معائنو ڪيو،  سينيٽر راڻا ثناءُ الله چيو ته 19 جنوري تي چار رڪني ٽيم اڊيالا جيل ۾ ٻيهر معائنو ڪيو جڏهن ته 24 جنوري تي باني کي انجيڪشن تجويز ڪئي وئي، جنهن بابت سمورا دستاويز موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي صحت تي سياست ڪرڻ مناسب ناهي. 4 مهينن تائين بيماري جي ڳالهه غلط فهمي آهي ته ان کي ختم ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني جو روزانو جي بنياد تي طبي معائنو ٿيندو آهي، هن وڌيڪ ٻڌايو ته 12 ڊسمبر تي ڊاڪٽر عارف، ڊاڪٽر سمن عارف ۽ ٻين ڊاڪٽرن معائنو ڪيو ته اکين جي بيماري جو ذڪر نه ڪيو ويو، 2 ڊسمبر تي ڊاڪٽر نورين سان ملاقات ۾ به سندس صحت بهتر قرار ڏني وئي، هن چيو ته 20 ڊسمبر تي توشاخانه ٽو ڪيس جو فيصلو ٿيو، ان موقعي تي سلمان صفدر به موجود هو پر بيماري جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جي 3، چار مهينا صحت خراب هجڻ جي ڳالهه درست ناهي.