اسلام آباد - 13 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينئر سياستدان ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد زعيم حسين قادري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئر مين چيو ته مرحوم هڪ سرگرم، اصول پنسد ۽ واضع موقف رکندڙ سياستدان هو. ھن سيد زعيم حسين قادري جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين …
سينيٽ چيئرمين پاران اڳوڻي ايم پي اي سيد زعيم حسين قادري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظھار

مزید خبریں
اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينئر سياستدان ۽ پنجاب اسيمبلي جي اڳوڻي ايم پي اي سيد زعيم حسين قادري جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. پنھنجي تعزيتي پيغام ۾ سينيٽ چيئر مين چيو ته مرحوم هڪ سرگرم، اصول پنسد ۽ واضع موقف رکندڙ سياستدان هو. ھن سيد زعيم حسين قادري جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي سندي گھرڀاتين سان تعزيت ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو. ھن چيو ته ڏک جي ھن گھڙي ۾ اسان ڏکويل ڪٽنب جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون. سيد زعيم حسين قادري جي سياسي خدمتن کي ھميشه ياد رکيو ويندو. سينيٽ چيئرمين مرحوم جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب کي هي صدمو برداشت ڪرڻ لاءِ صبر جي دعا ڪئي.











