ريڊيو پاڪستان قومي زندگي جي هر اهم مرحلي تي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان قومي زندگي جي هر اهم مرحلي تي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي، ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيُون. ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري چيو ته ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نشرياتي شعبي سان …

اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل چيو آهي ته ريڊيو پاڪستان قومي زندگي جي هر اهم مرحلي تي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي، ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيُون. ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري چيو ته ريڊيو جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نشرياتي شعبي سان لاڳاپيل سڀني آفيسرن ۽ ڪارڪنن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هِن چيو ته اطلاعات ۽ نشريات وزارت کي اعزاز حاصل آهي ته ٻه وڏا قومي نشرياتي ادارا ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن، هن وزارت جي انتظام هيٺ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. انهن ٻنهي ادارن پنهنجي قيام کان وٺي اڄ تائين ملڪ ۾ عوامي شعور کي بيدار ڪرڻ، بروقت معلومات جي فراهمي، ماحولياتي آگاهي، راندين، ادب ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ قومي زندگي جي هر اهم مرحلي تي قوم جي رهنمائي ڪئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات جي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ريڊيو پاڪستان جي تاريخ 1965ع جي جنگ جي حوالي سان هڪ منفرد قومي خدمت سان به لکيل آهي. ان اهم گهڙي ۽ ان کانپوءِ 1971ع جي جنگ دوران ريڊيو جنهن جوش سان قوم جو حوصلو بلند ڪيو، پاڪستاني هٿياربند فوجن جي ڪارنامن کي اجاگر ڪيو ۽ پوري قوم کي متحد ڪيو، اهو اسان جي نشرياتي تاريخ جو هڪ سونهري باب آهي. انتظامي سطح تي اطلاعات وزارت ان ڳالهه لاءِ پُرعزم آهي ته ريڊيو پاڪستان کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪيو وڃي. تازو ئي ريڊيو پاڪستان پنهنجي پينشن جي نظام کي مڪمل طور تي ڊجيٽلائيز ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ٻين ڪارپوريشنن لاءِ پيروي جوڳو مثال آهي. ان قدم سان نه رڳو شفافيت ۾ اضافو ٿيو آهي پر مالي نظم ۽ ضبط به وڌيڪ بهتر ٿيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات جي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ريڊيو پاڪستان کي مالي طور تي مستحڪم بڻائڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت ماضي ۾ به ريڊيو پاڪستان کي مالي مدد فراهم ڪندي رهي آهي ۽ انشاءَ الله اڳتي به مناسب مالي مدد جاري رهندي ته جيئن هي قومي ادارو پنهنجا فرض سُهڻي نموني سرانجام ڏيندو رهي. ريڊيو پاڪستان مالي نظم ۽ ضبط تي عمل ڪندي پاڻ کي ان ڳالهه جي قابل ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن وزارت جي سرپرستي جاري رهي ته هي ادارو هڪ مضبوط ۽ مثالي ڪارپوريشن طور وڌيڪ ترقي ڪندو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري چيو ته اسان ان عزم کي ورجايون ٿا ته انتظامي شفافيت، پيشيوراڻي مهارت ۽ جديد سڌارن ذريعي ريڊيو پاڪستان کي هڪ فعال، باوقار ۽ مستحڪم قومي ادارو بڻايو ويندو.