اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي پارلياماني چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي شاندار ڪاميابي تي طارق رحمان کي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي ڏينهن "ايڪس" تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي بنگلاديش جي عوام کي به مبارڪباد ڏيون ٿا. هُن بنگلاديش جي نئين قيادت سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران بنگلاديش جي پارلياماني چونڊن ۾ بي اين پي جي ڪاميابي تي طارق رحمان کي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنگلاديش جي پارلياماني چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي شاندار ڪاميابي تي طارق رحمان کي مبارڪباد ڏني آهي. جمعي ڏينهن "ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اسان چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي بنگلاديش جي عوام کي به مبارڪباد ڏيون ٿا. هُن بنگلاديش جي نئين قيادت سان ويجها لاڳاپا قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، ڀائراڻن ۽ گهڻ رُخن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۽ ان کان ٻاهر به امن، استحڪام ۽ ترقي جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهن.











