اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جي وزن تحت ميڊيا ۽ آئي ٽي شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏئي رهي آهي، اچو ته سڀ گڏجي وچن ڪريون ته ريڊيو سميت سموري پاڪستاني ميڊيا کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندي ان کي سچائي، ذميواري ۽ قومي اتحاد جو مضبوط ذريعو بڻائينداسين. هُن اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس …
حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جي وزن تحت ميڊيا ۽ آئي ٽي شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏئي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جي وزن تحت ميڊيا ۽ آئي ٽي شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏئي رهي آهي، اچو ته سڀ گڏجي وچن ڪريون ته ريڊيو سميت سموري پاڪستاني ميڊيا کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندي ان کي سچائي، ذميواري ۽ قومي اتحاد جو مضبوط ذريعو بڻائينداسين. هُن اهڙن خيالن جو اظهار جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ريڊيو جي عالمي ڏينهن تي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان عالمي برادري سان گڏجي "ريڊيو جو عالمي ڏينهن” ملهائي رهيا آهيون. پاڪستان جي قيام کان وٺي، ريڊيو پاڪستان ئي رابطي جو هڪ اهڙو طاقتور ذريعو رهيو آهي جنهن قوم کي ڳنڍيو، شعور اجاگر ڪيو ۽ معلومات جي فراهمي کي عام ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ريڊيو جي تاريخ ڪيترن ئي حوالن سان تمام روشن آهي، جن مان سڀ کان اهم هِن اداري جو ملڪ جي زرعي ترقي، ماحولياتي شعور، ثقافتي فروغ ۽ عوامي شعور ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته اڄ جڏهن دنيا تيزي سان ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿي رهي آهي، ريڊيو به جديد گهرجن سان به هم آهنگ ٿي رهيو آهي. هن سال ريڊيو جي عالمي ڏينهن جو مکيه موضوع "ريڊيو ۽ مصنوعي ذهانت” آهي، جيڪو ظاهر ڪري ٿو ته ٽيڪنالاجي ۽ انساني تخليقي صلاحيت جي ميلاپ سان مواصلاتي نظام وڌيڪ موثر ۽ جامع بڻائي سگهجي ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان به هن جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن نوجوان نسل کي جديد صلاحيتن سان ليس ڪري سگهجي ۽ ميڊيا جي شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪري سگهجي. هن موقعي تي اسان ان عزم جو اظهار ڪريُون ٿا ته ريڊيو پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي، خاص طور تي مصنوعي ذهانت سان ڳنڍي ان کي عوامي خدمت، تعليم، صحت ۽ قومي ترقي جو مؤثر ذريعو بڻائينداسين. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جي وزن تحت ميڊيا ۽ آئي ٽي جي شعبن ۾ جدت کي فروغ ڏئي رهي آهي ته جيئن پاڪستان علم ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ هڪ نمايان مقام حاصل ڪري سگهي. اچو ته سڀ گڏجي وچن ڪريُون ته اسان ريڊيو پاڪستان، بشمول سمُوري پاڪستاني ميڊيا کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪندي اُن کي سچائي، ذميواري ۽ قومي اتحاد جو مضبوط ذريعو بڻائينداسين.











